ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي: ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي

لحاظ ولد بالاچ تڙت جتوئي جي سر جي مٿان سنڌ حڪومت کي 50 لک رُپيا انعام جي سفارش به ڪئي وئي هئي

ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي: ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي

شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊي ايس پي سٽي پاران ميڊيا کي اهم بريفنگ ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جي هدايت تي ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي پاران ايس ايس پي آفيس ۾ ميڊيا کي اهم بريفنگ ڏني ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪچي ۾ جاري آپريشن جي دوران ڏوهارين جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويو آھي پوليس جي دٻاءَ سبب 24 ڪيسن ۾ گهربل اشتهاري ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو پيش ٿيل ڏوهاري جي سڃاڻپ لحاظ ولد بالاچ تڙت جتوئي طور ٿي آهي، جيڪو بلاول واھ، ضلعو شڪارپور جو رهواسي آهي ڏوهاري جي سر جي مٿان سنڌ حڪومت کي 50 لک رُپين انعام جي سفارش به ڪئي وئي هئي ڏوھاري مختلف سنگين ڏوهن جهڙوڪ قتل، اغوا، پوليس سان مقابلو، منشيات فروشي، ڦر وغيره ۾ ملوث رهيو آهي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن جي هدايتن تي اشتهاري ڏوهارين خلاف ڪئمپين جاري آهي جيڪو ڏوهاري به قانون آڏو سرينڊر ڪندو، ان کي آئيني ۽ قانوني تحفظ مهيا ڪيو ويندو ڪو به ڏوهاري قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندو جرم پيشه عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي