ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردياڻي آعا سنبل زهرا پٺاڻ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو

گورنر ڪامران خان ٽيسوري لائبريرين سائنس ۾ گريجوئِسن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن ماڻڻ تي شاگردياڻي سنبل زهرا پٺاڻ کي گولڊ ميڊل ڏنو

ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردياڻي آعا سنبل زهرا پٺاڻ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي مان شاگردياڻي آعا سنبل زهرا پٺاڻ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو، لائبريرين سائنس ۾ گريجوئِسن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن ماڻڻ تي شاگردياڻي کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو ڪراچي يونيورسٽي جو 33 هون ڪانووڪيشن ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ڪامياب شاگردن کي انعامن سان نوازيو ڪراچي جي علائقي پپري سان واسطو رکندڙ شاگردياڻي آغا سنبل زهرا پٺاڻ کي لائبريرين سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ پهرين پوزيشن ماڻڻ تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گولڊ ميڊل سان نوازيو ان موقعي تي ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردياڻي چيو ته مان پنهنجي والدين جي ٿورائتي آهيان جن مون سان علم حاصل ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪيو هن چيو ته انسان کي محنت جو ثمر ملي ٿو دنيا ۾ ڪا به شيءِ ناممڪن نه آهي پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جھذبو هجڻ گهرجي آغا سنبل زهرا چيو ته سنڌ جي نياڻين ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي پر انهن کي موقعا نه آهن وس وارن کي گهرجي ته نياڻين لاءِ تعليم جي ميدان م موقعا مهيا ڪن ته جيئن اهي منزل ماڻي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن.