ملير جي ڳوٺن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي جو استعمال جاري

ضلعي جي 99 سيڪڙو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ بورنگ جو پاڻي استعمال ٿيڻ سبب بيماريون پکڙجڻ لڳيون

ملير جي ڳوٺن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي جو استعمال جاري

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي 99 سيڪڙو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار بورنگ جو پاڻي استعمال ٿيڻ سبب خطرناڪ وبائي بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن جڏهن ته واٽر سپلائي اسڪيمون ڪرپشن جي ور چڙهي ويون خراب ۽ بند ٿي رهيون آهن ملير جي متحرڪ سماجي اڳواڻ سليم سالار پنهنجي سروي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ٻوڙ جو پاڻي WHO جي معيار مطابق نه آهي ۽ فلٽريشن جو ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻا ڪينسر، دل جي بيمارين، هيپاٽائيٽس ۽ گردن جي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. هن ملير جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظامي آفيسرن کي کليل خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ضلع ملير ۾ اهڙي بنيادي سهولت جي کوٽ سواليا نشان بڻجي چڪي آهي. علائقائي چونڊيل نمائندن کي ملندڙ وڏي بجيٽ باوجود به ڳوٺاڻن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ڪيو ويو آهي.مقامي ذريعن موجب ڪيترن ئي هنڌن تي ايم اين اي، ايم پي ايز ۽ لوڪل ڪائونسل جا نمائندا سرڪاري واٽر سپلائي اسڪيم جي نالي تي ڪروڙين رپين سان زرعي زمينون آباد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڳوٺاڻا پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن.اهڙن ئي متاثر ڳوٺن مان هڪ محمد حاصل سالار پڻ آهي، جتي واٽر سپلائي اسڪيم مڪمل طور تي ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي. ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته اسڪيم جا فنڊ هڙپ ڪندڙ اڄ به حاجي سڳورا بڻجي گهمي رهيا آهن سليم سالار جو چوڻ جو ته علائقي جي چونڊيل نمائندن، جن ۾ سردار ڄام عبدالڪريم، محمد ساجد جوکيو، طارق عزيز بلوچ، محمد اڪبر ڪلمتي ۽ عبدالستار جوکيو شامل آهن، کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ شڪايتون ڏنيون ويون آهن، پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.هڪ متاثر نوجوان ٻڌايو ته سندس ڀاءُ ڊاڪٽر دين محمد سالار هن وقت ڪينسر جي بيماري سان جنگ وڙهي رهيو آهي، جيڪا مبينا طور تي مضر صحت پاڻي جي نتيجي ۾ ٿي آهي. نوجوان ٻڌايو ته هن 17 جولاءِ 2025 تي واٽر سپلائي اسڪيم جو پاڻي جو نمونو وٺي PCSIR ليبارٽري ڪراچي ۾ ٽيسٽ لاءِ جمع ڪرايو آهي، ۽ رپورٽ اچڻ بعد هو چونڊيل نمائندن خلاف عدالت جو در کڙڪائيندو. مقامي آبادي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ نيب فوري نوٽيس وٺي، واٽر اسڪيم جي فنڊن جي جاچ ڪرائي ۽ متاثر ڳوٺن کي صاف پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي، ڇو ته پاڻي انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪو موجوده وقت ۾ انهن کان ڦريو ويو آهي.