عمرڪوٽ جي ڳوٺ ھوتو ڪولھي ۾ گهرن تي مبينا حملو

ولي محمد شاهه ۽ ٻين اسان جي گهرن تي حملو ڪيو: امريش ڪولهي

عمرڪوٽ جي ڳوٺ ھوتو ڪولھي ۾  گهرن تي مبينا حملو

عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) عمرڪوٽ جي ڳوٺ ھوتو ڪولھي ۾ سيد برادري جي ماڻهن پاران مبينا طور تي امريش ڪولھي سميت ٻين جي گھرن تي حملو ڪري گھر ڊاھڻ، سامان کڻي وڃڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جا الزام سامهون آيا آھن، متاثرن ۾ شامل امريش ڪولھي، ھوتو ڪولھي، ڪانجي مل ڪولھي ۽ ڏامرو ڪولھي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيد ولي محمد شاھ ۽ ٻين اسانجي گھرن تي حملو ڪري نه رڳو عمارتن کي نقصان پهچايو، پر اندر موجود قيمتي سامان به ساڻ کڻي ويا آھن، انهن چيو ته هو سال 2017 کان متنازع پلاٽ تي رھائش پذير آھن، جيڪو ھنن ھوتو ڪولھي کان خريد ڪيو ھو ۽ گذريل نئون سالن کان اتي آباد آھن، جيستائين اسان ڪچي رھائش ۾ رھيا سين، سيدن کي ياد نه آيو، پر جڏھن پڪيون اڏاوتون شروع ڪيون ته سيدن پلاٽ جي مالڪيءَ جي دعوا ڪري ڇڏي، ڏامرو ڪولھي ٻڌايو ته اسان عدالت ۾ حراسمينٽ خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي جيڪا عدالت سڳوريءَ اسان جي حق ۾ بحال ڪئي، ان جو اسٽام پڻ اسان وٽ موجود آھي، انهن الزام هنيو ته گذريل 11 تاريخ جي رات سيدن طرفان حملو ڪيو ويو، جتي اسان تي تشدد ڪيو ويو، گهر ڀڃي سامان کڻي ويا، متاثرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن جان و مال کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ مبينا طور حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪڏهن سيدن وٽ پلاٽ جي مالڪي جو ڪو ثبوت روينيو کاتو وغيره آھي ته سامهون آڻن، اسان پلاٽ خالي ڪرڻ لاءِ تيار آھيون نتہ سيدن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ھنن چيو تہ سيدن خلاف عدالت سڳوريءَ ۾ اسان اڳ ئي حراسمنٽ جي اپيل دائر ڪرائي ھئي جنھن کي عدالت سڳوريءَ بحال ڪيو جنھن جو اسان وٽ اسٽام به موجود آھي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ فل فوري معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.