English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دنيا لاءِ پاڻي اهم مسئلو بڻبو پيو وڃي..!!!
views
|
13th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غلام مصطفيٰٰ جمالي
دنيا جي مختلف تنظيمن ۽ ادارن جي رپورٽن موجب دنيا جي ٽين عالمي جنگ کاڌ خوراڪ جي شين تي نه پر کاڌ خوراڪ جي شين لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پاڻيءَ تي لڳندي ڇو جو هر سال ڪوپن هيگن ۾ ٿيندڙ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۽ دنيا جي وڏين وڏي نتنظيمن ۽ ملڪن ۾ ٿيندڙ پاڻيءَ متعلق اڻ کٽ سيمينار ان ڳالهه کي واضح ڪري رهيا آهن ته مستقبل ۾ چنڊ تي پهچندڙ انسان لاءِ پاڻيءَ جا ڪجهه قطرا ئي موت جو سبب بڻجندا.شايد اوهان سمورن کي اها خبر هجي ته نيپال ڪجهه عرصي کان باربار اهو ئي چئي رهيو آهي ته ماحولياتي گدلاڻ وڌي وڃڻ ۽ پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب ايندڙ 25 کان 40 سالن تائين نيپال دنيا جي نقشي تان ختم ٿي ويندو ڇو جو پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب نيپال ۾ کاڌ خوراڪ جون شيون تيزيءَ سان گهٽ ۽ ڪيتريون ئي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ۽ معيشت جو اهو حال آهي جو نيپال جي صدر کي ڪوپن هيگن ۾ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ به چندو ڪرڻو پيو هو، ٻئي طرف پوري دنيا اندر عالمي توڙي ملڪي ليول تي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي سياست هل رهي آهي، کنڊ ۽ اٽي جوبحران نه رڳو اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ موجود آهي پر ترقي پذير ملڪ به انهيءَ بحران ۾ڦاٿل آهن، بک ۽ بيروزگاري نه رڳو اسان جي هٿ ريکائن ۾ لکيل آهي پر هاڻي اها آمريڪين جي قسمت ۾ به ڪاهي پئي آهي، اهڙيءَ طرح پوري دنيا اندر عجيب وارتائون برپاٿي رهيون آهن، انسانيت ماني جي ڳڀي ۽ پاڻيءَ جي قطري لاءِ ننگي ٿيندي وڃي پئي خوبصورت ترين ڏيک ڏيندڙ دنيا انسانن سان ڀريل ان جهنگ وانگي ان ٿيندي وڃي پئي جنهن جو ڏس اڄ کان اڌ صدي اڳ معاشيات جي ماهر ٿامس ڏنو هو، اڄوڪي ترقي آفتا دنيا ۾ جتي اڻ کٽ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن اتي سڀ کان وڏو مسئلو انساني بنيادي ضرورت جو درجورکندڙ پاڻي ئي ٿي پيو آهي ، پاڻي جو مامرو نه رڳو سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل آهي پر ساڳيو ئي پاڻيءَ وارو مامرو ڀارت، پاڪستان، سريلنڪا، چين، نيپال، عراق،افغانستان، يمن، صوماليه ۽ ايٿوپيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جو مسئلو بڻيل آهي ، پاڻيءَبابت ويجهڙ ۾ ئي شايع ٿيندڙ نيشنل جيو گرافڪس مئگزين جي رپورٽ موجب ايٿوپيا جاماڻهو اڌ ڏينهن تائين پاڻيءَ جي ڳولا ۾ گذاري ڇڏيندا آهن ۽ اهو سلسلو گذريل 25سالن کان هلي پيو، پاڻيءَ بابت گڏيل قومنجي ماحولياتي آلودگي ۽ گندي پاڻيءَ واري ڪاميٽي جي رپورٽ موجب گذريل ڪيترين ئي سالن ۾ خراب پاڻيءَ واپرائڻ سبب 22 لک ماڻهو موت جي آغوش ۾ هليا ويا هئا خراب پاڻيءَ کي جنگين ،جهيڙن ۽ دهشتگرديءَ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو آهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خراب پاڻيءَ سبب هر روز 41 سئو ۽ هر سال 18 لکن جي لڳ ڀڳ 5 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار بيمارين جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾هليا وڃن ٿا ۽ 21 هين صديءَ جي شروع ٿيندي ئي پاڻيءَ جو مسئلو دنيا جو اهم ترين مسئلو ٿي ويو آهي گڏيل قومن جي پاڻيءَ واري ڪاميٽيءَ موجب پاڪستان ۾ 60 سيڪڙوٻارن جي موت جو سبب خراب پاڻيءَ جو استعمال هوندو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 5 ڏهاڪن کان پاڻي مسلسل خراب ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت رڳو پاڪسان اندر روزانو20 لک ٽن خراب ۽ زهريلو پاڻي صاف پاڻيءَ جي 50 سيڪڙو ذخيرن ۾ شامل ٿي رهيو آهي،صحت جي عالمي اداري موجب ترقي پذير ملڪن ۾ 80 سيڪڙو بيماريون گندي پاڻيءَ جي استعمال سبب ٿي رهيون آهن جنهن سبب ساليانو 50 لک ماڻهو مري رهيا آهن،رپورٽ موجب خراب پاڻيءَ جي استعمال سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين تي روزانو 30 ڪروڙ جڏهن ته ساليانو112 ارب ڊالر ضايع ٿي رهيا آهن جنهن مان 55 کان 80 ارب ڊالر ڊائريا تي خرچ ٿي رهيا آهن ، پاڪستان ڪونسل آف رسرچ ان واٽر رسورسزجي رپورٽ موجب ملڪ جي 23وڏن شهرن ۾ خراب پاڻي هيو جنهن ۾ 68 سيڪڙو بيڪٽيريا جي آلودگي، 24 سيڪڙو آرسينڪ،13 سيڪڙو نائيٽريٽ ۽ 5 سيڪڙو فلورائيڊ شامل هئي، عالمي سطح تي هن وقت هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن . جڏهن ته بن اربن کان وڌيڪ ماڻهن سان پاڻيءَ جي فراهميءَ وارو مسئلو آهي،اندازي موجب زمين جو 66 سيڪڙو حصو پاڻيءَ تي مشتمل آهي ان جي باوجود انسان کي پيئڻ لاءِ صاف ۽ بهترين پاڻيءَ جو 2.5 سيڪڙو حصو ميسر آهي جڏهن ته انسان کي ملندڙ 2.5سيڪڙو پاڻيءَ مان به 67 سيڪڙو برفاني ڇپن جي صورت ۾ ، 30 سيڪڙو زمين جي اندر ۽ 13سيڪڙو دريائن ۽ چشمن جي صورت ۾ موجود آهي هن وقت وڌندڙ درجئه حرارت ۽ موسمي تبديلين جي ڪري پوري دنيا پاڻيءَ جهڙي ڳنڀير مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي جڏهن ته کاڌ خوراڪ جي سپلاءَ ۽ انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪجهه عالمي تنظيمن اهو خيال ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا اندر لڳندڙ ٽين عالمي جنگ پاڻيءَ تي ئي لڳندي، ورلڊبيئنڪ پاران 2005-6 ۾ ڪرايل سروي موجب 2040 تائين اسان جا پاڻيءَ جا 40 سيڪڙوذريعا ختم ٿي ويندا ۽ دنيا ۾ پاڻي جنگ جو سبب بڻجي ويندو، پاڻيءَ جي کوٽ جو اندازوان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1947 اندر پاڪستان ۾ آباديءَ جي لحاظ کان ملڪ ۾پاڻيءَ جي سطح 5 هزار 6 سئو ڪيوبڪ في ڪس هئي جيڪا هن وقت گهٽجي ڪري 11 سئو ڪيوب ڪميثر في ڪس رهجي وئي آهي، اسان جي ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 15.6 ملين ايڪڙ فٽ هئي جيڪا هن وقت گهٽجي ڪري 12 ملين ايڪڙ فٽ رهجي وئي آهي ۽ هن وقت ملڪي آباديءَ جو 60 سيڪڙو حصو پاڻيءَ کان محروم آهي جڏهن ته باقي بچيل 40 سيڪڙو عوام کي جيڪو پاڻي مهيا آهي اهو ورلڊ هيلٿ آرگئنائيزيشن جي معيار موجب ناهي، خراب پاڻيبابت ڪيل عالمي تحقيق موجب دنيا جي غريب ۾ملڪن ۾ ڦهليل 37 بيمارين مان 21 بيماريون گندي پاڻي ۽ سيوريج جي خراب نظام سبب ٿيون آهن ڇو جو رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي گڏ ڪرڻ وارن دريائن، چشمن ۽ ندين کي گٽر يا گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي جيتوڻيڪ انوائرومينٽلپروٽيڪشن ايجنسي جي 1997 واري قانون موجب سمورا صنعتي ادارا ان ڳالهه جا پابند هوندا ته هو پنهنجو زهريلو پاڻي ڪٿي به خارج ڪرڻ کان پهريان ان کي صاف ڪندا پرافسوس جي ڳالهه جو ملڪ اندر ڪم ڪندڙ 15 سيڪڙو صنعتي ادارا ان قانون تي عمل نه پياڪن ۽ حيڪومت سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، اندازي موجب اسين 30 لک فٽ استعمال ٿيل پاڻي دريائن ۽ چشمن ۾وهائيندا آهيون جنهن سبب اسان جو قدرتي پاڻي ۽ ماحول تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪوآهي جيتوڻيڪ جديد سائنسي ٽيڪنالوجي جي مدد سان انهيءَ پاڻيءَ کي صاف ڪري استعمال جي قابل بڻائي ان کي زرعي مقصد سميت 30 مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر افسوس جو اسان وٽ ان طرف ڪو ڌيان ئي ناهي ڏنوويو. ماهرن موجب پاڪستان اندر ماحولياتي آلودگيءَ ۽ خراب پاڻيءَ سبب ئي75 سيڪڙو بيماريون جنم وٺن ٿيون. پاڪستان اندر 90 سيڪڙو پاڻي ذراعت لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو ڇو جو ملڪ جي 70 سيڪڙو آباديءَ جو گذر سفر ئي زراعت تي آهي جڏهن ته ٻه کان اڍائي سيڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو پر بدقسمتيءَ سان اهو به زهريلي ڪيميڪل سان ڀريل هجي ٿو، پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب سمنڊن جو کارو پاڻي تيزيءَسان زمين کي ڳِڙڪائي رهيو آهي اندازي موجب رڳو سنڌ جي بدين ۽ ٺٽو سائيڊ جي 80 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽اهو سلسلو جيئن پوءِ تئين هلندڙ آهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ملڪي جهنگ به 4.6 سيڪڙوجي تيز رفتار سان ختم ٿي رهيا آهن، ملڪ کي خطرناڪ حالت کان محفوظ رکڻ لاءِ مختلفادارن پنهنجي شروعاتي رپورٽن ۾ ڄاڻايو آهي ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي گڏ ڪرڻ واري صلاحيت۽ پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ واري مهم هلائڻ لاءِ ايندڙ ويهن سالن لاءِ 150 ارب آمريڪي ڊالرن جي ضرورت پوندي ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ملڪ اندر هڪ نئون انساني الميو جنم وٺندو جنهن کي تاريخ ڪڏهن به نه وساري سگهندي..؟ هن ڪائنات جو تاريخي الميو آهي جو انسان ترقين ۽ آسائشن باوجود به مانيءَ جي ڳڀي ۽ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيو آهي،انساني بي حسي، وڌندڙ لالچون ، خواهشن جا نه کٽندڙ سلسلا هڪ ڏينهن انسانن کي انهن جانورن وانگر بڻائي ڇڏيندا جيڪي پنهنجي پاڻ کي کائيندا آهن ۽ شايد اهو وقت ڏورناهي جڏهن مانيءَ جي ڳڀي ۽ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ هڪ نه کٽندڙ جنگ شروع ٿي ويندي، بس هاڻي ويجهڙ ۾ ئي تيل جي سياست ۽ ايٽميٽيڪنالوجي جي گوءِ ختم ٿيڻ واري آهي بس هاڻي انسان ڊرون حملن ۽ ايٽم بمن سان نه پرڪڻڪ جي داڻن جي نه ملڻ ۽ زهريلي ۽ ڪيميڪل سان رنگيل پاڻيءَ جي قطرن پيئڻ سان ابدي ننڊ سمهڻ وارو آهي ۽ اهو وقت هن ڪائنات لاءِ نهايت ئي شرمساريءَ جو وقت هوندو .؟
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جنهن ديس جي نياڻِين جي چولن کي چتيون لڳل هجن...!
13th Jul 2025
•
سندھ
عثمان عباسی فاؤنڈیشن کی جانب سے نیو کراچی فائیو ایف میں آنکھوں کے طبی کیمپ کا انعقاد
13th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
دنيا لاءِ پاڻي اهم مسئلو بڻبو پيو وڃي..!!!
11th Jul 2025
•
پاکستان
وفاقی وزیر چوہدری سالک حسین کا ورکرز ویلفیئر فنڈ بزنس سینٹر کا افتتاح
13th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ڳوٺ ھوتو ڪولھي ۾ گهرن تي مبينا حملو
13th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير واسين پاران منشيات ۽ جوا جي وڌندڙ وبا خلاف ايس ايس پي کي خط، رينجرز آپريشن جو مطالبو
13th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد ۽ ڪولهي برادري جو بااثرن خلاف ڌار ڌار احتجاج
13th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ گٽر اٿلي پيا ، گندو پاڻي رستن، بازارن گهٽين ۽ گهرن ۾ داخل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
دنيا لاءِ پاڻي
غلام مصطفيٰٰ جمالي
water issue
water crisis
0 تبصرے