عمرڪوٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ جي سالگرهه جون پريس ڪلب ۽ زيدي هائوس تي تقريبون

عمرڪوٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ جي سالگرهه جون پريس ڪلب ۽ زيدي هائوس تي تقريبون

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي عمرڪوٽ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ سيد صفدر حسين شاهه جي سالگره جي شاندار تقريبون پريس ڪلب عمرڪوٽ ۽ زيدي هائوس ۾ منعقد ڪيون ويون، جتي صحافين، سماجي شخصيتن، سياسي اڳواڻن ۽ دوستن عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ صدر پريس ڪلب غلام محمد ڪنڀر جي ميزباني هيٺ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي سينيئر صحافي غلام مصطفيٰ مهر، سجاد علي شيخ، صحافي کانجي مل رکيسر، صحافي وقاص يوسفزئي، صحافي سوائي مل رکيسر ۽ ٻين صحافين شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن سيد صفدر حسين شاهه کي سالگره جي مبارڪباد ڏني ۽ سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيو، تقريب کي خطاب ڪندي صدر پريس ڪلب غلام محمد ڪنڀر چيو ته سيد صفدر حسين شاهه هڪ مخلص، بااخلاق ۽ عوام دوست شخصيت آهي، جنهن هميشه عمرڪوٽ جي عوام جي ڀلائي لاءِ عملي جدوجهد ڪئي آهي، سندس سياسي، سماجي ۽ فلاحي خدمتون ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهن، هن وڌيڪَ چيو ته سيد صفدر حسين شاهه هر فورم تي عمرڪوٽ واسين جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، خاص طور تي پاڻي جي بحران بابت سندس واضح موقف قابل تحسين آهي، هو هڪ اهڙو اڳواڻ آهي، جيڪو عوام جي تڪليفن کي پنهنجو سمجهي، انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هميشه سرگرم رهي ٿو، ٻئي طرف زيدي هائوس عمرڪوٽ ۾ پڻ سيد صفدر حسين شاهه جي سالگره جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي مٽن مائٽن عزيزن ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي، تقريب دوران ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ مبارڪبادون پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي شخصيتن سميت ڊاڪٽر زاهد علي، ذاڪر علي، ڊاڪٽر غني سمون، ڊاڪٽر احسان ڀنڀرو، جاويد پلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سالگره جي تقريب دوران خطاب ڪندي سيد صفدر حسين شاهه عمرڪوٽ ۾ هلندڙ پاڻي جي سنگين کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عيد جهڙي خوشي واري ڏينهن تي به عمرڪوٽ جا شهري صاف پاڻي لاءِ ترسيا، ڪيترائي ڀيرا عوامي شڪايتن باوجود پاڻي جي فراهمي يقيني نه بڻائي وئي، هن چيو ته شهرين عيد جي ڏينهن تي پاڻي خريد ڪري گذارو ڪيو، جڏهن ته انتظاميه مڪمل طور بي خبر رهي، شهرين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ انتظاميه جي نااهلي جو واضح ثبوت آهي، سندس چوڻ هو ته عمرڪوٽ جي عوام کي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت جي فراهمي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي.