پاڪستان ۾ قبرستان مقدس جايون آهن جتي مئل ماڻهن کي آخري آرام ڏنو ويندو آهي، پر بدقسمتي سان اڄ ملڪ ۾ انهن جي حالت انتهائي خراب آهي. جتي قبري کي سنڀالڻ گهرجي، اتي ويرانگي، بي انتظامي، قبضا مافيا ۽ گندگي جو راڄ آهي. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، ۽ فيصل آباد جھڙن وڏن شهرن ۾ قبرستانن جي سخت کوٽ آهي. آبادي وڌڻ سان نون قبرن لاءِ جاءِ ختم ٿيندي پئي وڃي، ۽ پراڻا قبرستان مڪمل ڀرجي چڪا آهن. ماڻهو مجبورن پراڻيون قبريون کوٽي ٻيهر استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن.
چئبو آهي ته قيامت جي ڏينهن هر قبر مان ستر ستر ماڻهو اٿندا، پر پاڪستان جي قبرن جي حالت ڏسي ٿو لڳي ته هتي هر قبر ۾ اڳ ئي ستر ماڻهو رکيا پيا وڃن، ۽ اهو ڪم گورڪن کي سونپيل آهي، جيڪي هڪ هڪ قبر جي قيمت هڪ لک رپيا وٺي رهيا آهن. رڳو ڪورنگي قبرستان ۾ 30 گورڪن ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ ڇو نه، قبرستان ئي ته مال ڪمائڻ جو وڏو بازار بڻجي ويو آهي.
قبرستانن جي تباهي جو هڪ وڏو سبب بلدياتي ادارن جي نااهلي آهي. قبرن جي وچ ۾ گند، اگهن وارا وڻ، ڀڳل ڀتين ۽ نڪاسي آب جو خراب نظام اهو ڏيکاري ٿو ته انهن جڳهن جي ڪا سار سنڀال ناهي. قبضا مافيا به قبرستانن جي زمينن تي پلازا، گهر يا دڪان تعمير ڪري چڪي آهي. عدالتن جي حڪم باوجود انهن ناجائز قبضا کي هٽائڻ لاءِ ڪو اثرائتو قدم نه پيو کنيو وڃي.
عوامي شعور جي کوٽ به هڪ اهم مسئلو آهي. ماڻهو قبرن جي وچ ۾ ڪچرو اڇلائين ٿا، قبرن تي پير رکن ٿا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن قبرن تي ويهي گپ شپ به ڪن ٿا. اهو عمل بي ادبي ۽ بي حسي جي نشاني آهي. قبرستانن ۾ بجلي، پاڻي، صفائي، ۽ سيڪيورٽي جهڙيون بنيادي سهولتون به موجود ناهن. رات جو اتي وڃڻ خطري کان خالي ناهي، ڇو ته نشي جا عادي ۽ ڏوهاري ماڻهو اتي پناهه وٺن ٿا، جيڪي امن لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن.
قبرستان رڳو دفن لاءِ نه پر زنده ماڻهن لاءِ به موت جي ياد دهاني جو مقام آهن. جڏهن انهن جڳهن جي بي حرمتي ٿئي ٿي ته اها اخلاقي ۽ روحاني زوال جي علامت بڻجي ٿي. اسلام ۾ قبرستان جي صفائي، عزت ۽ حرمت کي وڏو اهميت ڏني وئي آهي. نبي ڪريم ﷺ قبرن جي بي حرمتي کان منع فرمايو ۽ انهن جي زيارت کي عبرت جو باعث قرار ڏنو.
قبرستانن جي بهتري لاءِ حڪومت کي گهرجي ته مناسب بجيٽ مختص ڪري، قبرستانن جي زمين جو رڪارڊ ڊجيٽل ڪري، ۽ هر شهر ۾ نوان قبرستان قائم ڪري. پراڻن قبرستانن جي چارديواري ۽ حفاظت يقيني بڻائي وڃي. سول سوسائٽي، اين جي اوز، ۽ مذهبي تنظيمون صفائي، وڻڪاري، ۽ عوامي آگاهي جون مهمون هلائن. اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي به انهن جڳهن جي اهميت کان آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل انهن جي عزت ڪري. ميڊيا کي به هن مسئلي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيستائين قبرستانن جي حالت کي قومي مسئلو تسليم نه ڪيو ويندو، تيستائين بهتري جي ڪا اميد نٿي ڪري سگهجي.
آخر ۾، هي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان پنهنجن مرحومن جي عزت ڪريون ۽ انهن جي آخري آرامگاهن کي صاف، محفوظ ۽ پرامن بڻايون. قبرستانن جي حالت اسان جي اجتماعي اخلاقي حالت جو عڪس آهي، ۽ انهن جي بهتري اسان جي عزت ۽ فلاح سان جڙيل آهي.
0 تبصرے