عمران جي فرياد تي ايس آءِ اصغر ابڙو ۽ نويد خلاف بن قاسم ٿاڻي تي حملي ۽ لکين رپين جي ڌاڙي جو ڪيس
ملير(رپورٽر) گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازم عمران جي فرياد تي پوليس سب انسپڪٽر ۽ ٻين خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ، گڏاپ ٽائون جي ملازم عمران بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي ته نيشنل هائي وي بابا بوري وٽ قائم مال جي چنگي تي اچانڪ حملو ڪيو ويو جوابدار سيڪيورٽي گارڊن کان هٿيار کسي ڪائونٽر مان 20لک 63هزار روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا عمران الزم هنيو آھي ته حملي ۾ هن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو آھي بن قاسم ٿاڻي تي داخل ايف آئي آر ۾ پوليس سڀ انسپڪٽر اصغر ابڙو ۽ نويد نالي شخص کي نامزد ڪيو ويو آھي جڏهن تي 20کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهن کي به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آھي ايف آئي ر جي متن مطابق حملاور موقع تان فرار ٿي ويا جڏهن ته جوابدار اصغر ابڙو هن وقت ٿاڻي اسٽيل ٽائون ۾ جانچ آفيسر مقرر ٿيل آھي ٻئي طرف پوليس عملدارن ڪيس داخل ڪرڻ کان پوء جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪاراوئي شروع ڪري ڇڏي آھي
0 تبصرے