ايران جي مدد ڪري اسرائيل کي هن دنيا جي نقشي تان ميساريو وڃي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نالي واري دانشور، منصور حلاج فائونديش جي چيئرمين نذير چنا ايران ۽ اسرائيل جنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي آمريڪا جي سازش قرار ڏنو آهي ۽ دنيا جي انصاف پسند حڪمرانن کي اڃيو ڪئي آهي ته ايران جي مدد ڪري اسرائيل کي هن دني
جي نقشي تان ميساريو وڃي گذريل ڏينهن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي ميڊيا بريفنگ م جنگ تي تبصرو ڪندي اڳڪٿي ڪئي ته جنگ وڌندي جنهنجو نتيجو اسرائيل جي خاتمي جي صورت م سامهون ايندو هن چيو ته اسلامي جمهورياايران تي اسرائيل جو حملو آمريڪي سامراج مدد سان ڪيو ويو جيڪو بدترين ڏوھ آهي ايراني عوام سان گڏ غازه عوام جو قتل عام دراصل آمريڪي سازش جو حصو آهي هن جنگ ۾ ڪيترن ملڪن سمیت عرب رياستون ٻہ ملوث آهن جڏهن ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ايران سان گڏ آهي هن چيو ته اها ڳالھ قابل غور آهي ته ڪجهه عرصو اڳ عالمي طور ٿيل ايٽمي انرجي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ايران جي حق م ووٽ نه ڏنو هو ان وقت پاڪستان جي غير جانبداري افسوسناڪ هئي هن چيو ته ڪجھ ئي وقت اڳ پاڪستاني آفيسرن اسرائيل هل دورو ڪيو هو ان متعلق ڪهڙو فيصلو ٿيو هن وقت به پيپلزپارٽي جو اڳون بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر تي ڀروسو پيو ڪري هن چيو نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا ئي ڀارت کي پاڪستان تي حملي لاءِ همٿايو اسان جي حڪمرانن کي جهه خيال ڪرڻ گهرجي
0 تبصرے