English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڻي زخيرن جي اوٽ ۾ سنڌوءَ تي نئون وار
views
|
15th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سيد يوسف شاھہ
تازو وزيراعظم شھباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراھيءَ ۾ وڏن پاڻيءَ ذخيرن جي اڏاوت لاءِ وسيلن جي فراھميءَ بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آھي، ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، مريم نواز، سرفراز بگٽي، علي امين گنڊاپور ۽ مرادعلي شاھہ سميت منصوبا بندي ۽ ترقيءَ جو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، پاڻيءَ وسيلن بابت وفاقي وزير ۽ سلامتي جي مشير ليفٽنٽ جنرل عاصم ملڪ کان سواءِ سيڪريٽري ڪيبينيٽ طارق باجوا، سيڪريٽري اقتصادي معاملا ڊويزن ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري بہ ڪميٽيءَ ۾ شامل آھن. ڪميٽيءَ کي اھو پڻ اختيار ڏنو ويو آھي تہ ھوءَ ”ڪنھن بہ موزون شخص کي“ ڪميٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهي ٿي تہ جيئن ڪم جي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بنائي سگهجي. ان کان اڳ وزيراعظم شھباز شريف پاڻيءَ ذخيرن بابت ”اھم اجلاس“ ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ايندڙ نسلن جي تحفظ لاءِ ”اتفاق راءِ“ سان ”ھاڻي يا ڪڏھن بہ نہ“ جي بنيادن تي سخت ۽ دليراڻا فيصلا ڪري، اپاءُ وٺڻا پوندا. ھن چيو تہ تربيلا ۽ منگلا جا ذخيرا گهٽجي رھيا آھن وفاقي حڪومت ۽ صوبن سميت سڀني کي آبي ذخيرن جي اڏاوت جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ نون ڊيمن جي اڏاوت صوبن جي ”اتفاق“ سان ٿيندي. گڏجاڻيءَ ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سميت وفاقي وزير، صوبائي قيادت ۽ سرڪاري عملدار پڻ موجود ھئا. ھيٺين ڳالھين تي غور ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ وزيراعظم چوي ٿو ”ھاڻي نہ تہ ڪڏھن بہ نہ جي بنيادن تي سخت ۽ دليراڻا فيصلا ڪرڻا پوندا.“ ھيءُ چتاءُ ھو ڪنھن کي پيو ڏي، سنڌ حڪومت جي حڪمن تي پوليس پاران سڌيون گوليون ھلايون پيون وڃن، سوين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، گرفتاريون ٿي رھيون آھن، قومي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن جي گهرن تي ڇاپا پيا لڳن، بيڏوھي ڪارڪنن تي دھشتگرديءَ جا ڪوڙا ڪيس پيا ٺھن ۽ فوجي عدالتن جا پڙاڏا پيا ٻڌجن، ڇا اھڙين ڪارروائين کي وزيراعظم جي تقرير جي پس منظر ۾ نہ ڏسڻ گهرجي؟ اھو پڻ ڏسڻ جي ضرورت آھي تہ ھن ڪميٽيءَ ۾ نسل پرست پنجابين کان سواءِ ٻيا ڪيترا ۽ ڪھڙا ميمبر آھن؟ ڪميٽي پنھنجا اختيار استعمال ڪندي اڃا ڪيترا سنڌ دشمن ميمبر شامل ڪندي؟ ليفٽنينٽ جنرل عاصم ملڪ کي ڪھڙا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميٽيءَ ۾ رکيو ويو آھي؟ ”چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک“ وانگر وزيراعظم پاران اھو چوڻ تہ ”تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻيءَ جا ذخيرا گهٽجي رھيا آھن“ ھن ڪميٽيءَ جي حوالي سان سندن ارادا پڌرا ڪري ڇڏيا آھن تہ سندن مقصد رڳو پنجاب جا ڪئنال کولڻ، ڊئم ڀرڻ، ۽ نوان ڊئم ٺاھي سنڌوءَ کي سڪائڻ آھي. پاڻ کي جمھوري راڄ جا چونڊيل نمائندا سڏائيدڙن جي مذڪور اجلاس يا ”جمھوري حڪمرانن“ جي سياسي، معاشي، ڪاروباري ۽ ھر قسم جي گڏجاڻين توڙي پنجاب حڪومت جي افتتاح وارين تقريبن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگي ڪھڙو تاثر ۽ پيغام ڏي ٿي؟ اھا حقيقت ھڪ عام ماڻھوءَ جي بہ سمجهہ ۾ اچڻ جهڙي آھي تہ پاڻيءَ جي ذخيرن جي اڏاوت جي اوٽ ۾ سنڌو درياھہ سڪائڻ، سنڌ کي برپٽ ۽ بيابانن ۾ بدلائڻ، سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين کي بيروزگاري جي باھہ ۾ اڇلڻ جي مڪمل سازش تيار ٿي چڪي آھي. اھا بہ سڀني کي خبر آھي تہ اسان جي حڪمرانن پاڻيءَ تي ڌاڙا ھڻائي، سنڌ سڪائي، زراعت کي تباھہ ڪري سنڌ ۾ بک ۽ بيروزگاري پيدا ڪئي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ واري اداري پنجاب جا تڪراري لنڪ ڪئنال وھائي، ڊئم ڀري سنڌ کي بنجر بنائي ڇڏيو. پر ھاڻي تہ اھي ”صوبن جي اتفاق راءِ سان“ پنجاب ۾ پاڻيءَ جا ذخيرا گڏ ڪرڻ لاءِ وڏا ڊئم بہ ٺاھيندا، ڪئنال بہ اڏيندا ۽ سنڌوءَ جو سمورو پاڻي بہ روڪيندا. سنڌ جي حڪمرانن جو ڪردار بہ قوم اڳيان پڌرو ٿي چڪو آھي جيڪي گذريل سال سنڌو درياھہ تي ڇھڻ ڪئنالن جي لڪ ڇپ ۾ منظوري ڏيئي آيا، ڪاپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نيلام ڪري چڪا ۽ اڄ تائين ڏنل زمينن جا انگ اکر بہ ظاھر نٿا ڪن پر خبرون آھن تہ اھو انگ 32 لک ايڪڙن کان بہ مٿي آھي. مائنر ۽ منرلز بل آڻي سنڌ جي سموري معدنيات جو وڪرو ڪرڻ جي تيارين ۾ آھن. اسان جي انھن حڪمرانن کي ڪوڙ ٺڳي ڌوڪيبازي رشوت، ڪميشن ۽ ڪرپشن کان اڳتي ڪجهہ بہ نظر ڪونہ ٿو اچي اھي چونڊيل نہ پر ڪنھن ڳجهي معاھدي تحت سنڌ مٿان ٿاڦيل آھن، اھي وڏي سرڪار جون نوڪريون پيا ڪن، سندن ڪن ٻوڙا ٿي چڪا آھن ۽ سندن دليون ٿڌيون ٿي چڪيون آھن ۽ آھن اھي اڳڙين جا گُڏا آھن، انھن مان چڱائيءَ جي ڪا اميد رکڻ اجائي آھي. ان جي باوجود سنڌو درياھہ، سنڌ جي زمينن ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ جدوجهد جاري آھي، شھادتون ٿين پيون، گرفتاريون ٿين پيون ڇاپا لڳن پيا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي تڏھن بہ حوصلا بلند آھن. پر سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي بچائڻ ۽ غلاميءَ جي ھن ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ھڪ مضبوت اتحاد ۽ انتھائي سگهاري پرامن تحريڪ ڀرپا ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيتوڻيڪ سنڌ سان محبت ڪندڙ سموريون پارٽيون جدوجهد جي ميدان ۾ آھن، پر ھر پارٽي پنھنجي پنھنجي طور تي الڳ جدوجهد ڪندي نظر اچي رھي آھي. جيڪو عمل اسان کي ڪاميابي جي منزل کان ڏور ڪري رھيو آھي. انھن سياسي پارٽين جا ٽي قسم چئي سگهجن ٿا. ھڪ وفاقي سياست ڪندڙ پارٽيون، جن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل، جي يو آءِ (ف)، پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي (ش ڀ) وغيرھہ. ٻيون اھي قومپرست پارٽيون جيڪي پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ رھندي پارلياماني چونڊون وڙھڻ چاھين ٿيون جيئن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي وغيرھہ کان سواءِ اھي پارٽيون جيڪي ملڪ ۾ چونڊن جي عمل تي يقين نہ ٿيون رکن. جن ۾ جسقم نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر، جسقم صنعان قريشي ۽ جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو شامل آھن ان کان سواءِ بار ڪائونسلن ۽ وڪيلن جو طاقتور گروپ پڻ ھن تحريڪ جو حصو آھي. ان کان سواءِ ڪافي سگهاريون شخصيتون پڻ ھن تحريڪ جي حمايت ڪري رھيون آھن. جيتوڻيڪ سمورين پارٽين جا اڳواڻ احترام ۽ ڀروسي لائق آھن. پر تنھن ھوندي بہ ڪجهہ پارٽين جا ورڪر اٻھرائپ مان سموري جدوجهد جو ڪريڊٽ پنھنجي ليڊر کي ڏيندي، ٻين اڳواڻن تي وڪامجهڻ يا غداريءَ جهڙا الزام ھڻندي نظر اچن ٿا، جنھن مان اھو تاثر زور وٺي سگهي ٿو تہ سمورا اڳواڻ اقتدار تائين پھچڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي دڪانداري چمڪائي رھيا آھن. ھونئن بہ اسان اڃا جدوجهد جي رستي تي آھيون منزل اڃان پري آھي، اڄ تائين ڪوبہ اڳواڻ سامراج جي قلعن تي پنھنجو جهنڊو ڦڙڪائي ناھي سگهيو. ھن وقت سنڌي قوم جا سمورا طبقا پنھنجو پاڻ ميدان تي لٿا آھن کين مضبوط گڏيل قيادت جي ضرورت آھي تنھنڪري جدوجهد ڪندڙ سمورين پارٽين اڳيان اھا تجوير رکجي ٿي تہ سنڌ سيو الائنس (Sindh Save Alliance) يا ڪنھن ٻئين مناسب نالي سان سمورين پارٽين جو ھڪ مضبوط اتحاد ٺاھي سنڌ جي نقشي وارو ھڪ ئي جهنڊو منظور ڪري سنڌي قوم کي پرامن جدوجهد جو سڏ ڏيو، توھان سڀئي گڏجي ميدان تي نڪرو، درياھہ ۽ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ڪروڙين سنڌي توھان سان گڏ ھوندا. لکن ۽ ڪروڙن جي ڌرڻن ۽ مظاھرن تي ڪنھن کي ھمت ٿيندي جو ھٿ چراند ڪن؟ اھڙي تحريڪ جا چئوٻول عالمي دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا ۽ ھن ملڪ جا ڊڪٽيٽر حڪمران پنھنجي ھوڏ تان ھٽڻ لاءِ مجبور ٿي پوندا. ھيءَ جدوجهد ڊگهي آھي، واٽ ھلندي گهڻائي ايندا ۽ گهڻا ويندا پر سڀني تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. پوءِ جيڪو سنڌي قوم کي منزل تي رسائيندو، اھوئي قومي ھيرو بڻجندو. ھيءَ جدوجهد ڪئنالن جي اڏاوت خلاف شروع ٿي، ھاڻي اسان ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون واپس وٺڻ لاءِ ميدان تي لٿل آھيون، جڏھن تہ ڪئنالن واري رٿا اڃا رد ناھي ٿي ۽ وفاقي وزير خواجا آصف اھو اعتراف ڪري چڪو آھي تہ ھن رٿا کي في الحال روڪيو ويو آھي. مائنر ۽ منرل بل آيو تہ ان خلاف اٿندا سين پوءِ پاڻيءَ جي ذخيرن ۽ وڏن ڊئمن جي راڪاس خلاف وڙھندا سين ايئن آخر ڪيترين سازشن کي منھن ڏينداسين، تنھنڪري ”سئو سونار جون ھڪ لوھار جي“ وانگر ھڪ ئي نعرو ھڻون تہ 1940 واري پاڪستان جي ٺھراءُ مطابق آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرائي سنڌ جي خودمختاري ۽ حاڪميت بحال ڪريو. ھيءُ ٺھراءُ پاڪستان ٺھڻ جو بنياد آھي، جنھن جي اعتراف طور پاڪستان جي رياست ٺھراءُ پاس ٿيڻ واري ڏينھن 23 مارچ کي قومي ڏينھن طور ملھائيندي آھي، اھا گهُر ملڪ جي آئين مطابق آھي، ان ھڪ ئي معاملي حل ٿيڻ سان سنڌوءَ جو پاڻي، سنڌ جون زمينون، سنڌ جو روينيو، بندرگاھن جي ڪمائي، ڪوئلو، پيٽرول، گئس ۽ سموري معدنات جي مالڪ سنڌ بنجي ويندي، بس اڻٿڪ محنت، ھمت ۽ ٻڌيءَ جي ضرورت آھي. Email: yousufshah172@gmail.com WhatsApp/Contact No:
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Jun 2025
•
پاکستان
پاکستانی انجینئرز کیلئے عالمی سطح پر روزگار کے مواقع کی راہ ہموار، پاکستان اور چین کے درمیان تاریخی معاہدہ
18th Jun 2025
•
تازہ ترین
جیکب آباد: ریلوے ٹریک پر دھماکہ، جعفر ایکسپریس کی 5 بوگیاں پٹری سے اتر گئیں
18th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان کشیدگی نہیں چاہتا، نہ ہی بھارت سے مذاکرات کے لیے بے چین ہے: بلاول بھٹو
18th Jun 2025
•
سندھ
کراچی اگر اتنا بُرا ہوتا تو یہاں 3 کروڑ لوگ نہ رہتے: مرتضیٰ وہاب
18th Jun 2025
•
پاکستان
پاکستانی انجینئرز کیلئے عالمی سطح پر روزگار کے مواقع کی راہ ہموار، پاکستان اور چین کے درمیان تاریخی معاہدہ
18th Jun 2025
•
تازہ ترین
جیکب آباد: ریلوے ٹریک پر دھماکہ، جعفر ایکسپریس کی 5 بوگیاں پٹری سے اتر گئیں
18th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان کشیدگی نہیں چاہتا، نہ ہی بھارت سے مذاکرات کے لیے بے چین ہے: بلاول بھٹو
18th Jun 2025
•
سندھ
کراچی اگر اتنا بُرا ہوتا تو یہاں 3 کروڑ لوگ نہ رہتے: مرتضیٰ وہاب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پاڻي زخيرن
سيد يوسف شاھہ
Sindh
Indus
Advertisement
0 تبصرے