جڏھن پوري دنيا جي اندر مهانگائي جو راڪاس چوٽ چڙهيل آهي ۽ هي طرف هر ماڻهو امن چاهي ٿو، اهڙين ڏکائيندڙ حالتن ۾ پڳڙي دنيا جي نقشي تي اسرائيل ئي اهو واحد خطو آهي. جنهن پهرين ڏينهن کان لاڳيتو مسلم ملڪ فلسطين مٿان تاريخ جو ڀيانڪ ظلم، ڏاڍ، جبر، سفاڪي، بربريت جا ليڪا لتاڙي لکين فلسطين جي مظلوم مسلمانن جو رت وهايو ويو پوءِ به اسرائيل جي حد نه ٿي ويتر هن ايران مٿان رات جي انڌيري ۾ حملا ڪري ايران جا ايٽمي سائنسدان، آرمي چيف، ويهه کان وڌيڪ سينئير ڪمانڊوز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ 336 کان وڌيڪ ايراني زخمي ڪيا ويا آهن، اسرائيل ۽ ايران جي جنگ شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٻه سئو صيهوني جهازن جي بمباري ۾ پاسداران چيف ميجر جنرل حسين سلامي، اڳوڻو سربراهه محمد حسين افشردي، عرف محمد باقري، پاسداران فضائي فورس جي سربراهه امير علي حاجي زادهه، خاتم الانبیاء هيڊ ڪوارٽر جي سربراهه غلام علي رشيد ۽ ايٽمي سائنسدان احمد رضا ذوالفقاري، فريدون عباسي، محمد مهدي تهرانچي، عبدالحميد منوچر، امير حسين فقهي سميت ٻيا شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ سئو کان وڌيڪ حملي جي زد م اچي ويا آهن ۽ 336 کان وڌيڪ ايراني شديد زخمي ٿي ويا آهن، اسرائيل جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسان جا ايران مٿان حملا جاري رهندا ۽ اسان جي ايران خلاف ڪاروائي " آپريشن رائيزنگ لائنز " نالي شروعات ڪئي وئي آهي، اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته ايران مان اسرائيل جي وجود کي خطرو هيو. جنهن ڪري هيء ڪاروائي ضروري بڻجي چڪي هئي، يقينن اسرائيل پنهنجي وڏي تياري ۽ پنهنجي آشيرواد وٺندڙ پيء آمريڪا جي چرچ تي هي ايڏي وڏي ڪاروائي حملو ڪيو آهي نه ته هن جي مجال آهي. ٻئي طرف اسرائيلي حملي بعد ايران بنا خوف و خطر بڻجي فوري طور تي جوابي ڪارروائي جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اسرائيل دهشت گرد کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي هڪ سئو کان وڌيڪ ڊرون ميزائل فائر ڪري اسرائيل جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن ۽ ان کي حيران پريشان ۽ ششدر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي اسرائيل پنهنجي عوام کي محفوظ جاين هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سائرن وڄائي ڇڏيو آهي، اسرائيل سامراج ايران جي گادي واري شهر تهران، همدان ۽ ٻين شهرن کي حملي جو نشانو بڻائي رهيو آهي، جڏهن ته اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب تي تباهه ڪن ايراني حملي سبب اسرائيلي حڪومت ۾ هلچل مچي وئي آهي ۽ هر طرف وڏا باهه جا آڙاهه مچي ويا آهن، جنهن سان اسرائيل سان گڏ سندس جي پيء آمريڪا جو ساھ سڪي ويو آهي ۽ اسرائيل جي جنون پرستي جو تڏ مٿي مان نڪرڻ شروع ٿيڻ لڳو آهي، ايراني ميڊيا موجب اسرائيل جا جنگي جهاز ڪيرايا ويا آهن ۽ جهاز جي پائليٽ عورت سميت ٻيا به گرفتار ڪيا ويا آهن، ايراني ڪمانڊوز، فوجي ميجر جنرل، آرمي چيف سميت ايٽمي سائنسدانن جي ايڏي وڏي نقصان باوجود به ايران ارڏي اڏول انسانن جيان پنهنجي روايات تي پاسداري ڪندي اسرائيل ۽ انهن جي سھولتڪارن آمريڪي ۽ ٻين پنهنجي اندروني غدارن تي پڻ نظر رکندي جوان مردي سان مڙس ماڻهو ٻنهي ميدان عمل ۾ اڳ کان اڳرو ٿي بيٺل نظر اچي رهيو آهي. اسرائيل جي دهشتگردي جي هاڻي ته پوري دنيا کي بخوبي ڄاڻ ٿي وئي ته هي مانگر مڇ رڳو غزه فلسطين ۾ لکين بي گناهه ماڻهن جو قاتل آهي پر اسرائيل اهو خونخوار جانور آهي جيڪو صرف ۽ صرف ڪلمو پڙهندڙ لا اله الا الله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم، امت محمديه خلاف بڪواس ڪندڙ يهودي و نصارا جو پاليل پالتو ڪتو آهي، اسرائيل جي جارحيت سبب هن وقت نه صرف رڳو ايران ملڪ ڏانهن سير سفر ڪندڙ هزارين زائرين ئي نه پر ايندڙ مهيني محرم الحرام ۽ صفر مهيني ۾ حضرت سيدنا مولا امام عالي مقام، امام عرش مقام، امام ڪون و مڪان ، ڪربلا جي شهيدن جي سرزمين تي راهه خدا عزوجل جي مسافر حضرات سيدنا امام حسین علیہ السلام جي چاليهي اربعين جي موقعي تي لکين ماڻهن جي تاريخي اجتماع ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ هي اسرائيل جي درندگي وحشت ۽ سفاڪي جو سنيهو لڳي رهيو آهي، شايد هن بدبخت اسرائيل سامراج کي سڌ ناهي ته نعره تڪبير، الله اڪبر چوڻ وارا ۽ نعره رسالت يارسول الله صلي الله عليه وسلم، نعره تحقيق حق چار يار، نعره حيدري يا علي مشڪل ڪشا ڪرم ﷲ وجهه الڪريم ، نعرہ غوثيه دم دستگير خوبصورت من موهيندڙ نعرا لڳائڻ وارا ايماني غيرت سان جذبہ حب الوطني ۾ غازي يا شهيد پنهنجي لاءِ وڏي سعادت سمجهي ميدان عمل ۾ نڪرندا آهن. سڄي دنيا ۾ عجيب قسم جي بدامني جي فضاء ڇائنجي وئي آهي ۽ هر طرف بي يقيني جو ماحول برپا ٿي ويو آهي، سڄي دنيا جي پرامن ماڻهن کي اسرائيل پنهنجي ظلم، دهشتگردي ۽ بربريت ڏيکاري آهي، وڏو غنڊو دهشتگرد ٿيڻ جو شوق رکندڙ اسرائيل کي آخر ڪار عروج کي زوال اچڻو آهي، ايران هاڻي فلسطين ۽ غزه جي ياد ڏياريندي اسرائيل کي پنهنجو ظلم ڏيکاري رهيو آهي. سڄي دنيا سمجهي تي ته ايران تي هي حملو اسرائيل طرفان نه ڪيو ويو پر آمريڪا طرفان ڪيو ويو آهي، اسرائيل ڄاڻي ٿو ته جيڪي مسلمان غزه جي ٻارن کي پاڻي نه ڏئي سگهيا اهي آخر ڪار ميدان ته ملھائيندا، آل سعود جو غرور، تڪبر، نفساني خواهشن جو مجموعو اڳ ئي ٽرمپ پاران شڪست کائي چڪو آهي. ايران کي خاموش نه رهڻ گهرجي هاڻي ته هڪ هڪاڻي ٿيڻي آهي.
ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته اسان جون چار اهم شخصيتون شهيد ٿي ويون آهن. انقلابي گارڊز جو سربراهه، حسين سلامي، سينئر ڪمانڊر غلام علي راشد، ايٽمي سائنسدان فريدون عباسي ۽ محمد مهدي تهرانچي. ايران ۾ اهم شخصيتن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ، مسلمانن کي هاڻي جاڳڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته يهودي ۽ نصارا مسلمانن جا دوست نه آهن ۽ نٿا ٿي سگهن . دنيا جي بدنام زمانہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائي ڪندو ته آمريڪا اسرائيل جي دفاع ۾ مدد ڪندو. مسلمان اڃا تائين پاڻ کي منظم نه ڪري رهيا آهن، ته پوءِ اهي ڪڏهن ڪندا؟ ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ايران تي خطرناڪ اسرائيلي حملي جي جواب ۾ چيو آهي ته اسرائيل ۽ ان جي پيءُ، آمريڪا کي به سخت سزا جي اميد رکڻ گهرجي. ايران تي اسرائيل جي حملي ۾ اسرائيل هاڻي تائين ايراني شهري ماڻهن کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. سامراجي اسرائيلي نيتن ياهو چوي ٿو ته ايران خلاف حملن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهي ٻيو مرحلو شروع ڪري رهيا آهيون . پهرين مرحلي ۾، اسرائيل دعويٰ ڪئي ته ڪيترائي ايٽمي سائنسدان ۽ فوجي آفيسر مارجي ويا. ايٽمي سائيٽ ۽ پيران شاهه ميزائل ڊپو کي تباهه ڪرڻ جي اسرائيلي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. ايران جي دعويٰ آهي ته اسرائيل حملو ڪيو ۽ ان جا ڪيترائي ميزائل روڪيا ويا. ايران جوابي ڪارروائي ۾ پنهنجا جنگي جهاز هوا ۾ بلند ڪيا آهن. بدمعاش نسل ڪش صهيوني رياست غزه، فلسطين، عراق، شام، يمن ۽ لبنان کان پوءِ هاڻي ايران تي ٻيهر حملو ڪيو آهي. هن وقت، ڪيترائي اعليٰ ايراني فوجي آفيسر ۽ سائنسدان شهيد ٿي چڪا آهن. هن حملي جو ظاهري مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ آهي. جيتوڻيڪ منافقت جي انتها اها آهي ته اسرائيل ۽ مغربي نوآبادياتي، جن ۾ آمريڪا به شامل آهي، وٽ اهي سڀ هٿيار آهن. پر حقيقت ۾، هن حملي جو مقصد ايران جي فوجي طاقت کي هميشه لاءِ تباهه ڪرڻ آهي. 1990 جي ڏهاڪي ۾، جڏهن فلسطين ۽ عرب دنيا ۾ مزاحمتي تحريڪ جو هڪ وڏو حصو سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ اسرائيل جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا، مزاحمتي تحريڪ مڪمل طور تي اڪيلو رهجي وئي. 2003 ۾ عراق ۽ 2011 ۾ شام ۽ لبيا تي نوآبادياتي حملي هن اڪيلائي کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. اهڙي صورتحال ۾، ايران سڄي علائقي ۾ مزاحمتي گروهن جي حمايت شروع ڪئي. حماس کان وٺي حزب الله ۽ الانصار تائين، هن شام ۽ عراق ۾ مزاحمتي گروهن کي مضبوط ڪيو. هن انهن سڀني ملڪن سان رابطا وڌايا جيڪي آمريڪي سامراج جي مخالفت ڪرڻ جي جرئت ڪندا هئا، جن ۾ ڪيوبا، وينزويلا، روس ۽ چين شامل آهن. ايران به ڪيتريون غلطيون ڪيون، پر ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن اسرائيل اڄ پريشان آهي، ته ان جو سبب خطي ۾ مزاحمتي گروهن جي ايران جي حمايت آهي، ۽ هي سڀ اتحاد معاشي پابندين جي باوجود ايران طرفان فراهم ڪيو ويو. موجوده حالتن ۾ آمريڪي سامراج جو به بحران سخت ٿي ويو آهي ۽ اهو ڊگهي عرصي تائين پنهنجي معاشي برتري برقرار رکي نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اسرائيل لاءِ آمريڪا ۽ يورپ جي مالي مدد ختم ٿي وڃي ته هن صهيوني رياست کي برقرار رکڻ ممڪن نه هوندو. اهو ئي سبب آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي خواهش ۽ حڪمت عملي اها آهي ته سامراج مخالف آمريڪي رياستن کي جلد کان جلد ٽوڙيو وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به انهن کي چئلينج نه ڪري سگهي. هي هڪ نئين دنيا جو خواب آهي جنهن ۾ فوجي توازن خطرناڪ طور تي آمريڪا ۽ ان جي علائقائي اتحادين جي حق ۾ جهڪيل هوندو. اهو ئي آهي جيڪو هندستاني وزيراعظم نريندر مودي گذريل مهيني پاڪستان جي حوالي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ناپاڪ ارادا دفن ٿي ويا. تنهن ڪري، ڪو به تجزيو ان حقيقت کي ذهن ۾ رکندي ڪيو وڃي ته نوآبادياتي نظام مسلسل اسان جي علائقن تي جنگ مسلط ڪري رهيو آهي. جيڪو به انهن معروضي حالتن جي روشني ۾ تجزيو نه ڪندو، اهو ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ سامراجي تسلط جي حمايت ڪندو. ايران ۾ انهن جي حالت انهن جلاوطن مسخرن وانگر ٿي ويندي جيڪي واشنگٽن ۽ اسرائيل کان ايران ۾ عورتن جي حقن لاءِ مدد گهري رهيا آهن. نيتن ياهو، مودي ۽ ٽرمپ جهڙن غنڊن دهشتگردن لاءِ ڪنهن جا به حق اهم نه آهن، پر اهي انارڪي ڦهلائيندڙ ۽ بيوقوف مسخرا نفرت ۾ پنهنجي ملڪ خلاف پرڏيهي طاقت استعمال ڪرڻ جا حامي بڻجي ويا آهن. جيڪي غزه ۾ نسل ڪشي جي باوجود به انساني حقن لاءِ آمريڪا يا اسرائيل يا هندستان کان مدد گهرندا آهن، انهن کي ترقي پسند سڏڻ هن لفظ ۽ روايت سان ناانصافي آهي، آمريڪا سڄي دنيا تي صرف جنگ وڙهڻ يا جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ٿو. اهي ڪجهه ماڻهن لاءِ پاپ جان بڻجي سگهن ٿا، پر ملڪ ۽ عوام کي ڇا فائدو ٿيندو؟ خليجي رياستون اڳ ۾ ئي پنهنجا علائقائي مفاد وڪرو ڪري نوآبادياتي ڪئمپ ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ لاءِ پائيدار ترقي ناممڪن آهي بغير مغربي ڪئمپ کي ڇڏڻ جي. ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا ماضي کان بهتر رهيا آهن ۽ جيڪو اڄ ايران سان ٿي رهيو آهي اهو سڀاڻي اسان سان به ٿي سگهي ٿو. بهتر آهي ته اسان جو رخ اسان جي باري اچڻ کان اڳ درست ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي سهولتڪاري کان پاسو ڪيو وڃي. ايران جوابي حملي شروع ڪري ڇڏيا آهن. اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هن جنگ جو نتيجو ڇا نڪرندو. سڀني اختلافن جي باوجود، سڀني فرقن، مذهبن، مسلڪن کان مٿانهون ٿي ڪري اسرائيل کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان ملهائڻو پوندو ان لاءِ ٻڏي ايڪي اتحاد جي سخت ضرورت آهي، هن سامراجي ۽ صهيوني جارحيت جي مخالفت ڪن ۽ ايران جي پنهنجي دفاع جي حق کي به تسليم ڪن ۽ هي دفاع صرف ايران جي لاءِ ناهي بلڪ پوري خطي جي امن لاءِ ضروري آهي، اسان سمورين ٻين ڳالهين کي ڇڏي ڪري ايران جي حمايت ڪريون. مزاحمتي ويڙهاڪن جون قربانيون بيڪار نه وينديون ۽ هڪ ڏينهن اسرائيلي ضرور وچ اوڀر جي ڪينسر مان نجات حاصل ڪنداسين، اسرائيل جو منصوبو آهي ته 2025 ۾ ايران کي مڪمل طور تي تباهه ڪري، ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ کان پوءِ، هڪ "حڪومت جي تبديلي" ٿيندي. پوءِ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته 2026 ۾ عالمي شاهراه اسرائيل جو ٻيو ٽارگيٽ پاڪستان کي گهيرو ڪرڻ جو آهي، هاڻي اهي پاڪستان بابت وڌيڪ پريشان آهن. بهرحال انهن سوچيو آهي ته هاڻي ڪجهه وقت لاءِ پاڪستان سان رابطو ڪيو وڃي ۽ پهرين ايران سان ڊيل ڪيو وڃي ۽ پوءِ ايندڙ سال جي آخر ۾ پاڪستان کي ڏسبو . پاڪستان کي خاموش نه رهڻ گهرجي. آمريڪا جي اشاري تي اسرائيل ڀولڙو بڻيل آهي اسرائيل، آمريڪا ۽ ڀارت اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ ايران جي ايٽمي طاقت کان ڊڄن ٿا. اهي سڀني مسلمان ملڪن کي ٽوڙڻ جي سازشين ۾ اول کان ملوث رهيا آهن ۽ پوءِ هڪ وڏي طاقت بڻجي ويندا ۽ هندستان ذريعي پاڪستان تي حملو ڪندا. هندستاني وزيراعظم نريندر مودي هڪ خفيه ملاقات ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي چيو ته جيستائين ايران کي ڪچليو نه ٿو وڃي، مان پاڪستان سان ڪجهه به نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن فلسطين کي بچائڻو آهي، ته مسلمان ملڪن کي بين الاقوامي غلامي مان نجات طرف توجهه ڏيڻو پوندو، جڏهن ته اسرائيل تي ڪا به پابندي ناهي جيڪڏهن هو ڪنهن به مسلمان ملڪ تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو. ايران تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ اهم روحاني شخصيت مخدوم نديم احمد هاشمي چيو ته ايران خلاف اسرائيل جي بدمعاشي ثابت ڪري ٿي ته هي سامراجي چال آمريڪا کان سواءِ نٿي ٿي سگهي. جيڪڏهن اسرائيل حملو ڪري ٿو، ته پوءِ صرف جواب ڏيڻ لاءِ ايران حملو ڪري ٿو، ته آمريڪا جي پيٽ ۾ مروڙ پئجي رهيا آهن ٿو ۽ اسرائيل جي دهشتگردي کي وائکو ڪرڻ بجاءِ ان جي سائيڊ وٺي رهيو آهي . پر سڀني مسلمانن کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو عملي طرح اظهار ڪرڻ گهرجي ئي هي وقت آهي ته اسرائيل ۽ ان جي سهولتڪارن کي مناسب جواب ڏنو وڃي. ايران جي دفاع لاءِ پوري دنيا کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي ته جيئن خونخوار اسرائيل کي زبردست مات ڏني وڃي.
0 تبصرے