ميرپوربٺورو ۾ قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ۽ جلسو، سنڌ دشمن ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: اياز لطيف پليجو

ميرپوربٺورو ۾ قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ۽ جلسو، سنڌ دشمن ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: اياز لطيف پليجو

ميرپور بٺورو : ڪئنالن جي مستقل خاتمي، ڪارپوٽريٽ فارمنگ ۽ بدامني ،لاقانونيت خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر پنھل سولنگي، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، زين سومرو، اسماعيل سومرو، ڀولا خان ڌماچ، غلام رسول سولنگي، نظام پليجو، مجيد چانگ،جبار ٻجورو سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفعيہ پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن اڇي موري کان پيادل مارچ ڪري مين بس اسٽاپ ميرپور بٺورو وٽ پھتو جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو. پيادل مارچ ۾ عورتون وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اياز لطيف پليجو ميرپور بٺورو شھر پھتو تہ واپارين، آبادگارن، شھرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن گلن جي ورکا ڪري اجرڪون ۽ لنگيون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو ويو. جلسي عام ۾ درياھ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، پاڻي کوٽ ختم ڪيو، معاشي قتل عام بند ڪيو جا وقفي وقفي سان زوردار نعرا ھنيا ويا. ان موقعي تي جلسي عام ۾ هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان ٻہ ٽي ھزار ماڻھو ڀلي مينيج ڪيو، ڊيڄاريو، خاموش ڪيو، عارضي ڊرامن ذريعي ٿڪائي وجھو، پر ڪروڙين سنڌي پنهنجي درياھ، زمينن جو سودو نہ ڪندا، اھي ڪنھن ھڪ ھنڌ يا ھڪ ڌرڻي واري وقتي اڀار بدران، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ لڳاتار متحرڪ ٿي، اوھان کي ٿڪائي، سھڪائي، ڊوڙائي شڪست ڏيندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌين سان دوکو ڪيو ويو آهي سنڌيو ميدان تي نڪرو، ناٽڪن کي ٿڏي ڇڏيو، سازشن کي رد ڪري ڇڏيو، جدوجهد جو ھڪڙو طريقو آهي رستن، گھٽين، مين روڊن تي مسلسل ھلندا رھو ڪنهن بہ ڊرامي ڪنهن بہ ھٿ ناٽ جو شڪار نہ ٿيو ڪنهن بہ ڪوڙي خوشخبري کي چيڪ ڪرڻ کانسواءِ ان جي پويان نہ لڳو حڪومت جي ھڪڙي ٽيم گڏجي حڪومت جي ٻئي ٽيم سان ڳالھيون ڪيون سنڌين کي ٻڌايو ويو توهان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي ٻئي ڌريون حڪومت جون انھن سنڌ حڪومت گڏجي مسلسل ڏھن مھينن کان ڪئنالن ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف ھلندڙ تاريخي جدوجهد کي نقصان پهچايو اھي سنڌ جا ويري آهن ان جي خلاف جدوجهد جاري رکو.اياز لطيف پليجي چيو تہ صرف ڌرتي نہ ۽ صرف درياءَ بہ نہ پر درياءَ ۽ ڌرتي ٻئي، تنھنجي ڪري رُڳو ڪينال روڪي فقط درياءَ ناھي بچائڻو پر درياءَ سان گڏ سنڌ جون زمينون بچائڻيون آھن. درياءَ اسان کي کپي ھن ڌرتي لاءِ، ڪارپوريٽ فارمنگ ختم نہ ٿي ۽ ھي ڌرتي اسان کان کسي وئي، تہ پوءِ خالي درياءَ اسان کي جانور وينجھارڻ لاءِ کپي ڇا، يا درياءَ اسان کي ٽٻيون هڻڻ لاء گھرجي ڇا؟اسان کي درياءَ ۽ درياءَ جو پاڻي کپي ھن ڌرتي لاءِ، تنھنڪري پھرين ھي ڌرتي بچڻ کپي ۽ ان ڌرتي کي بچائڻ لاءِ سنڌي سڀ گڏ آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ خطري ۾ آهي ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل ختم ٿي ويندي سنڌو درياھ 7 ڪروڙ ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. چولستان سميت 6 ڪئنال ڪروڙين ماڻھن، وڻن، پکين ۽ جانورن جي قتل جو منصوبو آھي. گرين پاڪستان سنڌ کي سڪائڻ ۽ بنجر ڪرڻ جي سازش آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جو سودو بند ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون، جن کي سنڌي ماڻھن لاءِ نوگو ايريا بنايو ويندو. درياھ ۽ زمينن لاءِ جدوجھد ايندڙ نسلن جي جياپي ۽ بقا جي جدوجھد آھي. چيو تہ پاڪستان تي مسلط حڪمران ملڪ ۽ 27 ڪروڙ عوام لاءِ خطرو بنجي ويا آھن. ڪرپٽ مافيا ملڪ جي ادارن کي کوکلو بنائي ڇڏيو آھي. جيستائين ھڪ بہ سنڌي ماڻھو جيئرو آھي ان وقت تائين درياھ ۽ زمينن لاءِ پرامن جدوجھد جاري رھندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جڏهن توهان ٺپا ھڻندا آيو توهان سوچيو هو تہ پنج هزار جي عيوض ٺپو پيا ھڻو ھي جيڪا ڌنڌالي پيا ڪريون مئلن ماڻهن جا ووٽ پيا ڪاسٽ ڪيون توهان پنهنجي گھرن جي ادين، مائرن، بزرگن کي گاڏين ۽ سوزڪين ۾ ڀري ويو پئي اتي توهان مان ڪنهن سوچيو هو ھي جيڪو ٺپو پيا ھڻو ،اھو ٺپو سنڌو درياءَ، زمينون، ٻيٽ، ڪوئلو، ڪارونجهر، سنڌ جي وسيلن جو سوڌو پيو ڪري.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي فاشسٽ ۽ آمر حڪمران چون ٿا تہ سنڌي جتيون ڇڏي ڀڄي ويندا، انهن کي ڳچي ۾ جتيون وجهي ڀڄائينداسين، پوءِ ٻاهران ويهي هڪلون ڪجو.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سنڌين جا ھٿ نعرن ۽ جھنڊن لاء اڀا آھن، جي اھي ھٿ ڦري توھانجي ڳچين ۾ پئجي ويا تہ ڏاڍا ڏکيا ٿي پوندئو، مڙي وڃو. اوھان کي ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻو پوندو!پاڪستان جي حڪمرانن کي پنج ست ڪروڙ عوام چند شرپسند ڏسڻ ۾ ٿا اچن ھنن جي ذھنيت جنرل ضيا واري ساڳي آھي ٽڪي جو بہ ھنن ۾ ڦيرو يا تبديلي نہ آئي آھي . درياہ کي بند ڪرڻ ھنن جي اختيار ۾ ئي نہ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين آھستي آھستي ھڪ سمجھو، سورھيه ۽ سجاڳ قافلو پيا بڻجون. سمورين ڪمزورين ۽ ڪوتاھين جي باوجود، اسين ھاڻ متحد، منظم ۽ طاقتور قوم بڻجڻ جي سفر تي نڪري پيا آھيون. ھڪ ئي مقصد درياء، زمينن ۽ وسيلن جي حفاظت. سنڌي ورھائڻ لاء سرڪار ۽ مالڪ ڪئي ايجنٽ ۽ بي ٽيمز لاھيندا،نظرانداز ڪيو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تباھ ٿي چڪي آهي، روزگار، تعليم ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي بہ دستياب ناهي ڇا سنڌ کي ڪرپشن، بيروزگاري ۽ لاقانونيت لاءِ فري زون بڻايو ويو آهي؟نئون بجيٽ عوام لاءِ مسئلن ۽ مهانگائي جو طوفان آڻيندو اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا ايران تي اسرائيل جي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا سنڌ جا مزدور ۽ هاري بيروزگار آهن، انهن جا ٻار تعليم کان محروم آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ گئس ۽ پيٽرول پيدا ڪري ٿو، پر سڄي سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ آهي. پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي حالتن جو اندازو نہ آهي پيپلز پارٽي سمجهي ٿي تہ سنڌ خاموش ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري رهندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاء ڪنهن ٻئي کي نہ پر سنڌ جي هارين کي بااختيار بڻائين وفاقي حڪومت ۽ پنجاب جا حڪمران زبردستي سنڌ جو پاڻي کسي رهيا آهن فارمنگ، ڊيم ۽ ڪينالن جي مهم جوئي ملڪ کي معاشي ۽ سماجي تباهي ۾ ڌڪي ڇڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت هڪ راء آهن، سڀ اختلاف صرف هڪ ڏيکاءُ آهن شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي حمايت سان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن جو ايڊونچر ڪيو پيو وڃي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گورننس ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ دنيا جي ماڻهن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو خطي ۾ امن لاءِ عالمي طاقتن کي مودي جي جنونيت جي مزاحمت ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي حڪومتون سنڌ ۽ سنڌين سان وير رکن، اھي ھجن يا نہ، ان سان اسان کي ڪھڙو فرق ٿو پوي؟ سنڌ جي گھٽي گھٽي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھرن کي اوھان جي جبر جي خلاف ائين اٿاري بيھارينداسين، جو اوھان تہ ڇا اوھان جا ايندڙ نسل بہ ياد رکندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ دشمن قوتون سنڌو درياھ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ چاھين ٿا. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي وئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ ۽ ن ليگ وارا گڏجي ڪئنال ٺاهي پنجاب سائو ۽ سنڌ تباھ ڪرڻ چاھين ٿا سنڌ جي ھڪڙي، ھڪڙي ڳوٺ ۽ شھر ۾ وڃون پيا، اتي مقامي نوجوان، سياسي ڪارڪن، اھل علم، اھل قلم، سڄاڳ ماڻھون، نڪرن ٿا، اچن ٿا. ڀينرون نڪرن ٿيون ھڪڙا ماڻھون آھن جيڪي لاتعلق آھن، جيڪي فقط پنھنجي زندگي پنھنجي ڪارڻ جئيڻ چاھين ٿا، ٻيا ماڻھون آھن جيڪي پنھنجي وطن ۽ قوم لاءِ جئيڻ چاھين ٿا اھي نڪرن ٿا ٻئي پاسي حڪمران وڏيرا آھن جن جون ھزارين ايڪڙ زمينون آھن، زراعت تان انھن جون اربي روپين جون ڪمايون آھن، اقتدار آھي وزارتون آھن، جن ووٽ آھن ھارين جا، اھي جاگيردار حڪمران نہ رُڳو لاتعلق آھن، بلڪه اھي مخالف ٿي بيٺا آھن. اھي غير جانبدار ٿي گڏ ٿيڻ بجاءِ مخالف آھن تہ توھان ڇو نڪتا آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين پيغام اھو ڏيڻ نڪتا آھيون تہ مايوس ناھي ٿيڻو، اھو ناھي سوچڻو تہ ڪينال ٺھي ويا، ڪم جاري آھي، مري وياسين، تب…