ڊي سي ٺٽو پاران ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو، پوليو مهم جو جائزو

ڊي سي ٺٽو پاران ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو، پوليو مهم جو جائزو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ضلعي جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ، ھلندڙ پوليو مهم جو جائزو - ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو ھلندڙ پوليو مهم جي پھرين ڏينهن تي يونين ڪائونسل گجو جي مختلف ڳوٺن جو اوچت دورو ڪري ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري عمل جي نگراني ڪئي ۽ پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو. دوري دوران، ڊپٽي ڪمشنر پوليو ٽيمن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي ڪارڪردگي، درپيش چئلينجن ۽ ڪوريج جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پوليو ورڪرن جي محنت ، جذبي ۽ عزم جي تعريف ڪندي چيو ته ٽيمون انتهائي شديد گرم موسم ۾ قومي خدمت جي جذبي سان هڪ اهم فرض ادا ڪري رهيون آهن، کين هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي . ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو والدين تي زور ڏنو ته پوليو ويڪسينيشن کي نظرانداز نه ڪن. پوليو هڪ خطرناڪ بيماري آهي جيڪا ٻارڙن کي معذور بڻائي سگهي ٿي، جنهن جو واحد اثرائتو حل پوليو ويڪسين آهي. هن چيو ته والدين هر مهم دوران پنهنجن پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن انهن کي مستقل معذوري کان بچائي سگهجي