عمرڪوٽ(رپورٽ :ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جو اجلاس، پاڻي کوٽ بابت ميمبرن جون شڪايتون. خبر موجب عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سيف الله خالد سراج سومرو جي صدارت ھيٺ ميونسپل ڪميٽي جي ھال ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ وائس چيئرمين، سي ايم او سيد ساجد علي شاھ سميت ايم سي ميمبرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي خالد سراج سومرو چيو ته شھر ۾ جتي به غيرقانوني ڪنيڪشن لڳل ھجن انھن کي ڪٽيا وڃن پاڻي جي سپلائي، ترقياتي ڪمن ۽ صفائي جي حوالي سان جيڪي به ڪميٽيون قائم ڪيون ويون اُھي پنھنجيون گڏجاڻيون ڪري رپورٽ ڏين ته جيئن شھرين کي رليف فراھم ڪري سگھجي ھن چيو ته ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا ۽ اسان سلام ٿا پيش ڪريون پاڪ فوج کي جنھن دشمنن جو ڀرپور جواب ڏنو آھي اجلاس دوران پاڻي لاء جوڙيل ڪميٽي جي ميمبرن وائس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي، ڊاڪٽر گھنشام راٺوڙ چيو ته بجلي جا وولٽيج گھٽ ھجڻ ۽ پاڻي سپلائي جي نالي ننڍي ھجڻ ڪري پاڻي مسئلو ٿئي ٿو جنھن جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ پاڻي جي تلائن تي ڊيوٽي ڏيندڙ عملي کي ھڪ جي جاء تي ٻي پاسي بدلي ڪيو وڃي شھرين کي برابري جي بنياد تي پاڻي ملڻ گُھرجي تلائن جي صفائي ٿيڻ کپي مرمت ٿيڻ کپي ان موقعي تي پي ٽي آء ميمبر ليکراج مالھي چيو ته مسئلا حل ڪرڻ لاء ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي باقي ڳالھيون ته ڪيترئي وقت کان پيا ٻڌون شھرين کي 20 سيڪڙو پاڻي به نه پُھچائي سگھيا آھيون چيئرمين پاڻ خودمختيار آھي پنھنجي ذاتي ڪوششن سان پاڻي مسئلو حل ڪرائي سگھو ٿا ۽ گڏيل طور تي ڪوششون وٺي شھرين کي پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون سھولتون فراھم ڪيون وڃن جڏھن ته اجلاس جي موقعي تي ايم سي ميمبرن برھان الدين ڪنڀر، شوڪت اڌيپوري، ستار کوسو ، دليپ ڪمار مولچنداڻي ،ملڪا ولھاري ،نندلال مالھي، اسحاق ڪنڀر، ڊاڪٽر چيتن وينداڻي سميت ٻين پڻ ڳالھائيندي تجويزون پيش ڪيون جڏھن ته اجلاس دوران مال پڙي، پٽ پڙي، بس اسٽاپ پڙي نيلامي جي منظوري ڏني ويئي اجلاس بعد ميونسپل ڪميٽي چيئرمين خالد سراج سومرو پاران سنڌ ھاء ڪورٽ سکر طرفان ڏنل فيصلي ۾ (ڊس ايبل ڪوٽا) تحت حقدارن کي وائيس چيئرمين ۽ ميمبرن جي موجودگي ۾ 4 نوڪرين جا آرڊر ڏنا ويا
0 تبصرے