پاڪستان جون بهادر هٿياربند فوجون — سڄي قوم جو فخر..!!

سيده سونيه منور

پاڪستان جون بهادر هٿياربند فوجون — سڄي قوم جو فخر..!!

پاڪستان جون هٿياربند فوجون دنيا جي بهترين فوجن ۾ شمار ٿين ٿيون، جيڪي نه رڳو ملڪ جي دفاع جي ضامن آهن، پر عالمي امن ۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. انهن جي پيشوراڻين صلاحتن، قربانين ۽ حب الوطني سبب اهي فوجون ممتاز حيثيت رکن ٿيون. پاڪ فوج زميني سرحدن جي حفاظت جي پهرين ذميوار آهي. چاھي ڪارگل جو معرڪو هجي يا سوات ۽ وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، پاڪ فوج هميشه بهادري سان دشمن کي منهن ڏنو آهي. آپريشن ضرب عضب ۽ ردالفساد ان جي ڪامياب مثالون آهن.
پاڪ بحريه ملڪ جي سمنڊ جي سرحدن جي حفاظت ڪري ٿي. بحيره عرب ۾ دشمن جي نقل و حرکت تي نظر رکڻ، سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت ڪرڻ ۽ بين الاقوامي مشقن ۾ شرڪت ڪرڻ ان جا اهم ڪارناما آهن. گوادر بندرگاهه جي سلامتي ۾ به پاڪ نيوي جو اهم ڪردار آهي. پاڪ فضائيه دنيا جي تيز ترين ۽ جديد ترين هوائي فوجن مان هڪ آهي. 1965ع ۽ 1971ع جي جنگن ۾ ان جي ڪارڪردگي شاندار رهي. حاليه سالن ۾ ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران دشمن جا جهاز تباهه ڪري، فضائيه پنهنجي صلاحيت ثابت ڪئي. جي ايف-17 ٿنڊر جھڙا مقامي تيار ڪيل جهاز خودڪفالت جو ثبوت آهن.
پاڪ فوجن نه رڳو ٻاهرين خطرن کان ملڪ کي بچايو آهي، پر اندروني امن جي قيام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا ته جيئن عوام پرامن زندگي گذاري سگهن. فوجي عدالتن ۽ سيڪيورٽي آپريشنن دهشتگردي کي شڪست ڏني. زلزلي، ٻوڏ يا ٻين قدرتي آفتن دوران پاڪ فوج هميشه پهرين قطار ۾ رهي ماڻهن جي مدد ڪئي. 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏن ۾ فوج جون امدادي سرگرميون قابل تعريف رهيون. فوجي جوانن انسانيت جي خدمت ۾ اعليٰ مثالون قائم ڪيون.
پاڪ فوج اقوام متحده جي امن مشنن ۾ به سرگرم رهي آهي. ڪنگو، سوڊان، صوماليا ۽ ليبيا جهڙن ملڪن ۾ پاڪ فوج جا اهلڪار اقوام متحده جي جھنڊي هيٺ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن. پاڪستان جون هٿياربند فوجون رڳو سرحدن جي حفاظت نٿيون ڪن، پر عالمي امن، قدرتي آفتن ۾ مدد ۽ اندروني سلامتي جي قيام ۾ به پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. انهن جي بهادري، پيشوراڻين مهارتن ۽ قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي.
پاڪ فوجن جديد ٽيڪنالاجي ۾ به نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس (PAC) ۽ هيَوي انڊسٽريز ٽيڪسلامان (HIT) جھڙا ادارا مقامي سطح تي جديد هٿيار، ٽئنڪ ۽ جنگي جهاز تيار ڪري رهيا آهن. جي ايف-17 ٿنڊر جي تياري پاڪ فضائيه جي خودڪفالت جو نشان آهي، جڏهن ته آرمي الخالد ٽئنڪ ذريعي پنهنجي طاقت ۾ واڌارو آندو آهي. پاڪ فوج رڳو عسڪري ميدان ۾ سرگرم ناهي، پر قوم جي تربيت ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڪيڊٽ ڪاليجن، فوجي تعليمي ادارن ۽ نوجوانن جي لاءِ شروع ڪيل پروگرامن ذريعي نوجوانن کي نظم، حب الوطني ۽ قرباني جو سبق ڏنو پيو وڃي، جيڪو قوم ۾ اتحاد، يڪجهتي ۽ طاقت جو پيغام ڏئي ٿو.