English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
7ڪروڙ سنڌي ماڻهن کي ڀت سان لڳائڻ سان خطرناڪ نتيجا نڪرندا؛ اياز لطيف پليجو
views
|
28th May 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن جي اياز لطيف پليجو سان ملاقات
حيدرآباد :سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس پرنس ٽائون جي لا آفيس ۾ ملاقات ڪري، سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، شامل ٿيندڙن ۾ واحد خان دھر ، محمد علي ٿيٻو ، معشوق مگسي ، نزاڪت جروار ، آٿرم آريسر ، واشو ديو ، نورالله ابڙو ، شڪيل شر ، سمير پنھور ، امتياز شر ، سرواڻ ميمڻ ، ڪاشف جروار ۽ ٻيا شامل ھئا. ان موقعي تي شاگردن سان اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ اسان جي آھي ملڪ اسان جو آھي اسان ٺاھيو پيپلزپارٽي سنڌ کي شامي غريب بڻائي ڇڏيو آهي حڪمران ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن سنڌين مان سخت بيزار آهن ھنن جو وس پھچي سنڌي ھجن ائين نہ،پيپلزپارٽي سنڌ کي ويران حويلي بڻائڻ چاهي ٿي جنهن ۾ ست ڪڙور سنڌي ھجن ائين نہ رڳو زمين، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس سمنڊ ماربل ھجي جنهن کي اسان مالي غنيمت سمجهي لٽيون ڦڙيون پر بدقسمتي سان سنڌي آھن ست ڪڙور تنھن ڪري پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت لوھ ٿي وئي آهي ست ڪڙور سنڌين کي ڪيڏانهن ڪن، انهن لاءِ سازشون ۽ اٽڪلون ڪن پيا. ست ڪڙور سنڌي ھنن جي خطرناڪ سازشن کي پر امن جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن جي حق حاڪميت ختم ٿي وڃي ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌاڙين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌي ماڻهن کي ديوار سان لڳائڻ سان خطرناڪ نتيجا نڪرندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. ارسا سنڌ جي پاڻي ۾ سھولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن کي سنڌ نظر نٿي اچي. جنھنڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي پ پ حڪمرانن جو قبضو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جو تعليمي نصاب جديد سائنسي ھجڻ گهرجي شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي م اچن. سنڌ جي نوجوانن کي نصابي تعليم سان گڏ سياسي ادب بہ پڙهڻ گهرجي.ان موقعي تي سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي سنڌ يونيورسٽي جو صدر عامر سنڌي ، جنرل سيڪريٽري اشفاق اشرف پليجو ، سئنير نائب صدر نعيم شر ، نائب صدر عبدالڪريم نوحاڻي ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، فرمان ڪپڙي، جوائنٽ سيڪريٽري سمير ڪپڙي،آفيس سيڪريٽري فياض سگراڻي، پريس سيڪريٽري ظاهر ڪپري رضوان لاشاري، بابر ڪپري، زبير پليجو ، ڪاشف چاچڙ ، چيتن رٻاري، ماجد شر ، عبدالصمد ڪپري ، سھيل شر، جنيد لغاري ، زين چانڊيو ، زوهيب شر ، ياسر رضا جلباڻي ، الياس شر ، اشتياق ڪپري، امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ۾ سڪڻ ندي مان ريتي بجري جي چوري جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے