English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير پاران عوامي پريس ڪلب جي نون عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو
views
|
18th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير پاران عوامي پريس ڪلب ملير جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو، ملير ۾ گڏيل طور علمي، ادبي سرگرميون ڪرڻ تي اتفاق، عوامي پريس ڪلب جي ملير جي ٻهراڙين ۾ علمي ، ادبي ، ثقافتي سرگرميون ڪرڻ ملير ضلع کي عالمي طور اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي صحافتي اداري سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين، راشد لکمير، سيد خدا ڏنو شاھ، نظير چنا ۽ ٻين جو تقريب کي خطاب تفصيل موجب : ملير جي علائقي رزاق آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير پاران عوامي پريس ڪلب ملير جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ ساس ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير، سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاھ، نامور اديب ۽ ليکڪ نظير چنا، ساس ملير شاخ جي سيڪريٽري اصغر مهرائي، سيد غفور شاھ تقوي ،قمبر ٻُٽ، سڪندر سرواڻ، رستم لڪ سميت سياسي سماجي علمي ادبي ۽ صحافتي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ادبي سنگت جي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير جي نون چونڊيل عهديدارن صدر جمشيد زهراڻي ،جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاھ ،جوائنٽ سيڪريٽري غلام علي گوندر، سامي ميمڻ، ڊاڪٽر اصغر ميمڻ، فيروز ڪيريو، ايم زمان جوکيو، شهنشاهه چارڻ ،طارق جان سهتو، سيد سجاد علي شاھ اصغر لاشاري ۽ ٻين کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررن چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير ٻهراڙين ۾ علمي ، ادبي ، ثقافتي سرگرميون ڪرڻ ملير ضلع کي عالمي طور اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي صحافتي اداري سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين هنن چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير جا صحافي پنهنجي پروفيشنل ڪم سان گڏ عوام ۾ علم ۽ ساڃاهه ورهائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن جهالت جي اونڌاهه ۾ علم جي روشني پکيڙي عوامي پريس ڪلب پنهنجو صحافتي بنيادي ڪم ڪيو آهي پريس ڪلب جي صدر جمشيد زهراڻي چيو ته نالي ۾ صحافي جي لوڌ پيدا ٿي ويئي آهي پر صحافي سڏائڻ ۽ صحافي هجڻ م وڏو فرق آهي عملي صحافت ڪنڊن جي راه آهي جتي قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون، دشمنيون ٿين ٿيون انتقامي ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون پر ڪنهن کان به ڊڄي علي اصولي پروفيشنل صحافت جو رستو نه ڇڏينداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير
0 تبصرے