سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ڏئي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائي پئي وڃي: اياز لطيف پليجو

ھٿرادو پاڻي کوٽ سنڌ سان دشمني آهي، ملڪ جي ڊيمن تربيلا ۽ منگلا ڊيم پاڻي سان ڀريل آهن

سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ڏئي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائي پئي وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ ڏئي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائي سنڌ کي تباھ ڪيو پيو وڃي. ھٿرادس پاڻي کوٽ سنڌ سان دشمني آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي ڊيمن تربيلا ۽ منگلا ڊيم پاڻي سان ڀريل آهن ۽ سنڌ ۾ واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي ناھي. ڪوٽڙي کن ھيٺ درياھ ۾ پاڻي ڇوڙ نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي. سنڌ ۾ وونئڻن جي پوکائي ٿي وئي آهي. ٻيا فصل پوکجي رھيا آھن. سارين جي پوک شروع ٿيڻ واري آهي، ان کان علاوه سنڌ کي پاڻي جي شديد ضرورت آهي ان باوجود پي ڊي ايم ۽ پ پ حڪمران سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏئي رھيا آھن. جنهن سان زراعت کي سخت نقصان ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن جي پاليسين سنڌ جي زراعت، آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي. ڪڏھن فصلن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا تہ ڪڏھن پاڻي کوٽ جي ڪري فصل تباھ ٿي وڃن ٿا. ڪڏھن ھٿرادو ٻوڏن ۽ برساتن جي ڪري آبادگار ۽ ھاري رستن تي اچي وڃن ٿا. انھن جي نقصان جو ازالو نٿو ٿئي. پ پ حڪومت وٽ آبادگارن ۽ زراعت جي بحالي جو ڪو پروگرام ناھي ۽ نه ئي اھڙي ڪا ايجنڊا آھي. ازلي بدران حصي جو ۽ وقت سر پاڻي به نٿو ڏنو وڃي. جنھنڪري انڌ ۾ غربت وڌي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا پنھنجو رويو درست ڪري. وفاقي حڪومت سنڌ کان لاتعلق نہ ٿئي. پاڻي جو وزير پ پ جو آھي. فوري طور تي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏياريو وڃي، زرعي استعمال جا اوزار ۽ مشينون به سستيون ڪيون وڃن. نقلي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون بند ڪرائي معياري ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون سستيون ڪيون وڃن.