بنيادي صحت جي سنڀال بابت قومي سيمينار، اسٽيڪ هولڊرز طرفان يونيوورسل هيلٿ ڪوريج ڏانهن اڳڀرائي جو عزم ورجايو ويو
ڪراچي: آغا خان يونيورسٽي (اي ڪي يو)، وفاقي وزارت قومي صحت سروسز، ضابطن ۽ هم آهنگي ۽ صوبائي صحت کاتن جي سهڪار سان ”بنيادي صحت جي سنڀال سيمپوزيم“ منعقد ڪيو، جيڪو ”پرائيمري هيلٿ ڪيئر لرننگ ايجنڊا (پي ايل اي)“ جي اڳڀرائيءَ جو حصو هو.
هن سيمپوزيم جو مقصد پاليسيون جوڙڻ، صحت جي ماهرن، سرڪاري قيادت ۽ ترقياتي ڀائيوارن کي هڪ ئي پليٽفارم تي آڻي، يونيوورسل هيلٿ ڪوريج (يو ايڇ سي) جي حاصلات لاءِ تحقيق ۽ جديد حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بنيادي صحت جي سهولتن تائين رسائي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
هن چيو ته اهڙا فورمز اسان کي ڪامياب ماڊلز مان سکڻ جو موقعو ڏين ٿا، ته جيئن ڪا به آبادي پٺتي نه رهي. مراد علي شاهه تعليم، ترقياتي ڀائيواري ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ سهڪار کي ساراهيندي چيو ته گڏجي بنيادي صحت جي سنڀالکي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي.
آغا خان يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين چيو ته بنيادي صحت جي سنڀال رڳو صحت نظام جو جزو نه پر ان جي بنياد آهي، جيڪو انسان مرڪز نظام ڏانهن وٺي ٿو، جتي علاج سڀني لاءِ رسائي لائق ۽ منصفاڻو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ يونيوورسل هيلٿ ڪوريج ۽ صحت سان لاڳاپيل پائيدار ترقياتي هدف (SDGs) حاصل ڪرڻا آهن ته اهڙو ئي نظام ضروري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ايڇ سي لرننگ ايجنڊا جهڙا قدم قومي سطح تي پاليسين ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ لاءِ ضروري ثبوت مهيا ڪن ٿا.
سيمپوزيم دوران بنيادي صحت جي سنڀال کي مضبوط ڪرڻ بابت پنج اهم شعبن تي روشني وڌي وئي، جن ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت ۽ آبادي واريون خدمتون گڏيل بڻائڻ، غير متعدي بيمارين ۽ ذهني صحت بابت چئلينجن لاءِ پي ايڇ سي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ، نجي شعبي سان ڀائيواري، خدمتن جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ صحت لاءِ مقامي مالياتي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.
هن سيمينار ۾ بِل گيٽس فائونڊيشن، يونيسيف ۽ ورلڊ بئنڪ جي مدد سان مالي حڪمت عملي، طرزِ حڪمراني، صحت بابت معلومات، معيارِ نگهداشت ۽ ڪميونٽي جي شموليت تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪي يو ايڇ سي ۽ SDGs جي حاصلات لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا.
تقريب ۾ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي صحت کاتن جي سينيئر نمائندن شرڪت ڪئي.
وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال وڊيو پيغام ذريعي چيو ته بنيادي صحت جون سهولتون يونيوورسل هيلٿ ڪوريج ۽ SDGs جي حاصلات لاءِ اهميت رکن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته حڪومت پرائيمري هيلٿ ڪيئر ۾ سڌارن، نجي ۽ عوامي ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ، ڊجيٽل هيلٿ مان فائدو وٺڻ ۽ هر پاڪستاني تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته هي سيمپوزيم گڏيل ڪوششن کي هڪ نئين اڳڀرائي ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اهم قدم آهي.
تقريب ۾ شريڪ اهم شخصيتن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صحت واري مملڪتي ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٽ، سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، پنجاب جي وزير صحت عمران نظير، بلوچستان جي وزير صحت بخت محمد ڪاڪڙ ۽ خيبرپختونخوا جو مشير صحت احتشام علي شامل هئا، جيڪي ملڪ جي مختلف صوبن پاران بنيادي صحت تي سنجيده عزم جو اظهار آهن.
بنيادي صحت جي سنڀال جي لرننگ ايجنڊا آغا خان يونيورسٽي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٻه سالا رٿا آهي، جيڪا بِل گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار سان هلائي پئي وڃي، جنهن جو مقصد تحقيق جي بنياد تي پاليسين جي تشڪيل، تجربن جي ڏي وٺ ۽ مضبوط، پائيدار صحت نظام جي حاصلات آهي.
0 تبصرے