پوليس پٽ وڪيل کي بيگناهه کنڀي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي: سگهڙ علي احمد چانڊيو
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ جي ناليواري سگهڙ گهگهر واسي علي احمد چانڊيو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيل ٽائون پوليس تي الزام هنيو آھي ته هنن سندس نوجوان پٽ وڪيل احمد کي بيگناھ گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي جيڪو هن وقت جناح اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پيل آھي هن چيو ته مونکي سنڌ جو هر سگهڙ اديب شاعر سڃاڻي ٿو مون سڄي حياتي علم ادب ٻولي ۽ سگهڙائپ کي ڏني آھي ۽ ان فن جو مظاھرو ريڊيو ٽي وي ۽ ميڊيا جي هر فورم تي ڪيو آھي جنهن جو انعام مونکي اهو ڏنو ويو آھي ته هن پوڙھائپ ۾ منهنجي نوجوان پٽ کي نشي ۾ ڌت ڇڙواڳ پوليس اهلڪارن زوري ڏوھاري قرار ڏئي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو آھي ۽ ھاڻ واقعي جي جانچ لاء ڪيس ماڊل ڪالوني پوليس جي حوالي ڪيو ويو آھي هن پنهنجي پٽ تي پوليس پاران ڪيل ڏاڍائي تي روئي ڏنو ۽ سڏڪا ڀريندي سنڌ جي وڏي وزير ثقافت جي صوبائي وزير آئي جي سنڌ ۽ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته هو منهنجي پٽ کي گوليون هڻي زخمي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪن ۽ واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪرائي منهنجي بيگناه پٽ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪن
0 تبصرے