سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو ڪنوينر سيد زين شاه ڪئنال رٿا خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن جي لڳل ڌرڻي ۾ پهچي ويو
خيرپور:
سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو ڪنوينر سيد زين شاه ڪئنال رٿا خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن جي لڳل ڌرڻي ۾ پهچي ويو
ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته حڪمران طاقت جي زور تي جيڪڏھن اسان جو هڪڙو ڌرڻو ختم ڪرائيندا ته اسان سنڌ ۾ اهڙا 50 ڌرڻا هڻنداسين
ھن چيو ته ڪئنالن خلاف اسان جي پرامن جدوجهد جاري آهي سنڌ بچايو تحريڪ هن جدوجهد ۾ وڪيلن سان گڏ آهي جيڪڏهن اسان خلاف ڪنهن به قسم جو آپريشن ڪيو ويو ته هن ڌرتيءَ لاءِ جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائينداسين
ھن چيو ته ملڪي مفادن ۽ مصلحت پسنديءَ جي نالي تي هميشه اسان کي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي پر هينئر سنڌ جو غيور عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار آهي
ھن چيو ته آئون وڪيلن جي هن جدوجهد تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ وڪيلن جي هر ڌرڻي ۾ ساڻن گڏ هوندس، سنڌو درياهه تي سنڌي ماڻهن جو حق آهي جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي انهن جو حق نه مليو ته اسان پنهنجو حق ڇِني وٺنداسين
ھن چيو ته وڪيلن سان سندن جدوجهد ۾ درياهه بچايو ڪاميٽي، جي ڊي اي، جماعت اسلامي، جميعت علماءِ اسلام سميت ٻيون جماعتون گڏ آهن، حڪمران جماعت کي پنهنجي طاقت تي غرور آهي پر انشاء اللہ اُها هن عوام هٿان شڪست کائيندي
0 تبصرے