ڏوڪري ڀرسان مختلف ڳوٺن ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ جي حوالي سان پروگرام

يوسي چيئرمين نياز گاڏهي جي رهائشگاهه تي منعقد تقريب ۾ حزب الله ٻگهيو، محمد علي ٻگهيو ۽ ٻيا شريڪ

ڏوڪري ڀرسان مختلف ڳوٺن ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ جي حوالي سان پروگرام

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ چڪرو ۾ يونين ڪائونسل طرفان يوسي جي مختلف 10 کان مٿي ڳوٺن ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ جي حوالي سان چئرمين يوسي چڪرو نيازحسين گاڏهي جي رھائش گاھ تي سندس طرفان پروگرام منعقد ڪيو ويو.جنهن جو افتتاح اڳوڻي ايم پي اي سردار حزب ﷲ خان ٻگهيو ڪيو.افتتاحي واري تقريب ۾ پارٽي اڳواڻن سميت ڳوٺاڻن پڻ شرڪت ڪئي.جنهن ۾ پ پ ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو،تعلقه ڏوڪري صدر منير احمد سوهو۔ پ پ تعلقه ڏوڪري جرنل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، محمد علي راڄپر، محمد جمن ٻگهيو ۔شھمير ميراڻي۔شوقت سومرو ۔ علي بخش ميتلو۔بشير احمد جوڻيجو ۔بلاول شمن خان جوڻيجو۔سردار نظر محمد گاڏهي ۔سردار منظور احمد جوڻيجو۔برڪت علي چنه ۔ غلام قادر گاڏھي ۔ ارشاد احمد ٻگھيو ۔ محمد نواز ٻگھيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آيل مهمان مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۔سنڌي ٽوٽي اجرڪ پڻ اوڍايا ويا ۔ان موقعي تي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سردار حزب ﷲ خان ٻگهيو ۔پ پ ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو۔تعلقه ڏوڪري صدر منير احمد سوهو۔پ تعلقه ڏوڪري جرنل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي عوام پيپلزپارٽي جي قيادت سان بي انتها محبت ڪري ٿو.هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هيمشہ حق سچ جي جدوجهد ڪندي رهي آهي،ڪالاباغ ڊيم هجي يا ايم آر ڊي تحريڪ پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن پاڻ ملهايو آهي.هنن چيو ته هاڻي به پيپلزپارٽي تڪراري ڪئنال خلاف ڀرپور جدوجھد ڪري رهي آهي ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياھ مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.