ملير: فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جون 7ورهين بعد چونڊون ٿي گذريون

ملير: فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جون 7ورهين بعد چونڊون ٿي گذريون

ملير(عبدالرشيد مورجھريو)فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي چونڊن ۾ ماهيگير اتحاد پينل ڪامياب 7سالن بعد سوسائٽي ۾ مھاڻن جا نمائندا چونڊجڻ تي خوشي جو اظھار، مھاڻن 7ڪامياب ڊاريڪٽرن مان اميد ظاھر ڪئي آھي ته هو غريب مھاڻن جا پراڻا ۽ بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا تفصيل موجب فشر مين ڪو آپريٽر سوسائٽي جون چونڊون 7سالن بعد ڪراچي فش هاربر جي سوسائٽي ھال ۾ ٿيون جنهن ۾ 12سو کان وڌيڪ رجسٽرڊ مھاڻن صبح 8وڳي کان شام 5وڳي تائين پنهنجي پسند جي اميدوارن کي ووٽ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اليڪشن جي ميدان ۾ لٿل ٻن پينلز مان ماھيگير اتحاد پينل جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا جن ۾ عبدالرشيد 721، محمد يوسف 680، سليم ديدڪ 648 محمد شڪيل 574، شھزاد ڄاموٽ 571، رحيم بخش 569۽ حاجي خان مير خان 554ووٽ کڻي سوڀارا ٿيا چونڊ نتيجا پڌرا ٿيندي ئي هزارين مھاڻن خوشي جو اظھار ڪيو ان موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ. ڪراچي جي صدر مجيد موٽاڻي ايوب شان طالب ڪڇي اسماعيل چارڻ جو چوڻ هو ته 7سالن کان بعد سوسائٽي ۾ جمهوري عمل ذريعي مھاڻن جي چونڊ تي خوشي جو اظھار ڪيون ٿا ان عملي کي اڳتي وڌڻ گهرجي هنن چونڊيل ڊاريڪٽر شھزاد ڄاموٽ ڊاڪٽر يوسف سليم ديدڪ ۽ ٻين کي واڌايون ڏيندي اميد ظاھر ڪئي ته ڪامياب مھاڻن جا نمائندا غريب مھاڻن جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا