ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان چانڊيا ۽ مغيري ڌر جو نئين گُڏ ٻگهيا هائوس تي اڳوڻو ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو جي سر پئنچي ۾ مقتول نجم الدين چانڊيو جي خون جو نبيرو ڪيو ويو،مجموعي طور تي 95 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،ڌريون قرآن پاڪ تي کير کنڊ ٿي ويون،جڏھن ته اڍائي سال اڳ چانڊيا برادري جو قتل ٿي ويل ڏوڪري واسي نوجوان نجم الدين چانڊيو جي قتل جو فيصلو ڪيو ويو،مغيري برادري مٿان ڏوه ثابت ٿيڻ تي مقتول نجم الدين چانڊيو جي قتل جا 65 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،جڏھن ته ڪار ۽ ڪورٽن جو خرچ سميت 30 لک ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي.جڏھن ته قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدارن ڌر غلام رسول مغيري مٿان مجموعي طور تي 95 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.10 لک بروقت مغيري ڌر ادا ڪيا.5 لک چانڊيا برادري پاران معاف ڪيا،جڏھن ته 80 لک مغيري برادري ڏنڊ جي رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي پابند هوندي.مغيري برادري پاران خون جي بقايا رقم ڏيڻ بعد فريادي ڌر پاران فيصلو لکي ڏيڻ جي پابند هوندي.جڏھن ته جوابدارن نجم الدين چانڊيو کي لاڙڪاڻي جي سينٽر جيل ٻاهريان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.هوڏانهن مقتول جي ڀاء سعيد چانڊيو جو چوڻ ھو ته منهنجي ڀاء جي قتل جو فيصلو اڳوڻو ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو ڪيو آهي،فيصلي ۾ مغيري برادري مٿان خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مجمعوعي طور تي 95 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي،خون جو ڏنڊ 65 لک وڌو ويو،جڏھن ڪار ۽ ڪورٽن سميت خرچو جا 30 لک ڏنڊ وڌو ويو آھي،هن چيو ته ٻنهي ڌرين جي مشيرن جي سامهون فتوايٰ پڙھي ٻڌائي وئي جن کي ڌرين قبول ڪيو،جڏھن ته جوابدار ڌر پهرين قسط 20 لک ميڙ سان گڏ ڏيڻ جي پابند هوندي،باقي بقايا رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي،بعد ۾ ڀاء جو قتل جو ڪيس جوابدار ڌر کي لکي ڏيندس،هوڏانهن ڌرين جو پاڻ ۾ ٺهي وڃڻ تي علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.
0 تبصرے