ٽالهي (رپورٽر) ٽالهي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج نعريبازي پوليس گردي نامنظور جا نعرا ڀيڻ کي امتحاني سينٽر محمدآباد هاء اسڪول وٺي ويس جتي گيٽ تي موجود پوليس اهلڪار پير بخش گرگیز، بلا وجہ ڌڪا ڏئي تشدد جو نشانو بڻايو، شاهزيب گرگيز،، ڪو تشدد وغيره ناهي ڪيو سينٽر اندر موجود ماڻهن کي گيٽ ٻاهر نڪري وڃڻ جو چيو الزام غلط آهن، الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار پير بخش گرگیز خبر موجب ٽالهي لڳ ڳوٺ نصير چانڊيو جي رهواسين پاران پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب ٽالهي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس گردي نه منظور جا نعرا هنيا ويا انهي سلسلي ۾ احتجاج ۾ شريڪ ڳوٺاڻن شاھ زيب پٽ نواز عالم گرگيز. سبيل والد الهبخش گرگيز. اسد علي ولد عبدالعزیز گرگيز. صاحب ولد ڪمال خان گرگيز. ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته آئون پنهنجي ڀيڻ کي امتحان ڏيارڻ لاءِ گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول محمدآباد ٽالهي سينٽر تي وٺي ويس ته گيٽ تي ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس اهلڪار پير بخش گرگيز مون کي بلا وجه ڌڪا ڏئي گارگند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ٽالهي ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار جو منهنجي بابا سان پراڻو تنازو هلندڙ هيو جنهن تان مون تي بلا وجہ تشدد ڪيو ويو، هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ ڊي آئي جي ميرپورخاص سميت واڳيل اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار پير بخش گرگيز سان رابطو ڪرڻ تي هنن جو چوڻ هو ته سينٽر اندر موجود ماڻهن کي گيٽ کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو چيو سينٽر جي هيڊ جو حڪم هو ته ڪو به ماڻهو سينٽر اندر نه اچي باقي الزام غلط آهن هوڏانهن محمدآباد هاء اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ امتحاني سينٽر جي ايٽرنل خادم حسين چانڊيو سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته امتحاني سينٽرن تي ڪالم 144 لاڳو ٿيل آهي پيش آيل مسئلي جي مونکي خبر ناهي
0 تبصرے