ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته ڄڻ وقت بيهجي ويو آهي جنهن ويل انسان جي دل کي ڪو اهڙو صدمو پهچندو آهي جنهن سان روح ننڍي ٻار جيئن روئڻ لڳندو آهي ۽ دل تي اداساين جا ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن ماڻڪ ڪنگراڻي جي بي وقتائتي موت مڙني يارن کي روئاري ڇڏيو ڪراچي ۾ روزگار سانگي صحافتي شعبي سان سلهاڙيل ماڻڪ جي موت جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو پوڙهائپ ته موت جي مند آهي پر نوجواني واري عمر ۾ آيل موت ڪنهن کان ناهي وسرندو سوچان ٿو ته اسان جي دلين ۾ ماڻڪ لاء ماتم آهي ته عزيز ڪهڙي ڪيفيت مان گذرندو جيڪو سندس وڏو ڀاء اٿس شاعر جيڪي هوئين به حساس هوندا آهن پر جڏهن وقت اهڙا ڏکيا لمحا کڻي ايندو ته ان کي ٽاري نه ٿو سگهجي ماڻڪ به ڪاڇي جو رهواسي هو ته منهنجو تعلق به ڪاڇي سان آهي سنڌي ادبي سنگت کان ويندي ڪراچي جي ادارن تائين جيڪو اڻانگو پنڌ مون ڪيو آهي ته ماڻڪ به ساڳي راهه جو راهي هو
ڪاڇو جيڪو اڃ اتت ۽ اساٽ جو ذريعو آهي ان ڪاڇي جي سرزمين تي جوهي ڀرسان حاجي ماڻڪ ڪنگراڻي ۾ 26 مارچ تي 1978ع تي جنم وٺندڙ ماڻڪ ڪنگراڻي پنهنجي پرائمري تعليم ڲوٺ مان حاصل ڪئي هئي پنهنجي ڀاء مشهور ليکڪ عزيز ڪنگراڻي جي رهنمائي ۾ رهڻ جي ڪري ئي ماڻڪ جو ادب ڏانهن لاڙو ٿيو
هن لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي، سندس پهرين ٻارن لاءِ ڪهاڻي “رمون جي عيد” روزانه عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپي ان بعد مختلف سنڌي اخبارن جاڳو، سنڌ سجاڳ، عبرت ميگزين نئين زندگي ڪينجهر، ٽماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سوجهرو، نئون نياپو ۽ ٻين رسالن ۾ شاعري مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون هن اردو ۽ سنڌي چينلن لاء ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا جن ۾ بدلتا هي رنگ ريشمي ڏور، اڌورو خواب ،رڻ ۾ رات ٺري کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ ٻيا شامل آهن سندس 3 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾
ڀڳت ڪبير جو فلسفو ، ردي پنا (ڪهاڻيون)
ستين آسمان جا فرشتا شامل آهن ماڻڪ صحافتي سرگرميون سنڀالڻ سان گڏ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هو جنهن بابت مشهور ڪهاڻيڪار طارق قريشي لکيو هو ته: ماڻڪ ڪاڇي جي ڪنڌي جو بهترين رائٽر ۽ سندس دل ڪاڇي جي ميدانن جهڙو ئي اٿس پاڻ سدائين خاموش رهندڙ اڪيلائي ۾ گهاريندڙ جدوجهد جي علامت آهي ماڻڪ مختلف چينلن ۽ اخبارن ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون هو هڪ محبتي ۽ پرخلوص انسان هيو جڏهن به ملندو هو ته ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ چوندو هو ته مٺا ڪاڇي جا احوال ڏي ڪراچي ۾ رهندي به سندس دل ۾ ڪاڇي جي ڪڙمين لأ محبت هوندي هئي تازو جڏهن پيڪا آرڊيننس اچڻ بعد ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪي يو جي جي گڏجاڻي ۽ احتجاج دوران ملاقات ٿي اتي ڪاڇي جي زمينن تي والار سنڌو تي ڪينال ڪڍڻ سميت مختلف سياسي صحافتي حوالي سان خوب ڪچهري ٿي ماڻڪ اسان کان ڪالهه دل جي تڪليف سبب وڇڙي ويو پر سندس يادون هميشه اسان جي دلين ۾ رهنديون ماڻڪ ڪراچي ۾ رهندي به پروفيشنل صحافت کي ترجيح ڏني هن ڪڏهن به صحافتي ڪيريئر تي داغ ٿيڻ نه ڏنو مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندو رهيو کيس ڪجهه سال پهرين به دل جي تڪليف ٿي هئي پر ڪال ميجر اٽيڪ سبب هو هميشه لأ وڇڙي ويو سندس تڏو جوهي جي حاجي ماڻڪ ڪنگراڻي ڳوٺ ۾ وڇايو ويو آهي سنڌ جي نامياري تاريخدان ڊراما نگار شاعر عزيز ڪنگراڻي جو هو ننڍو ڀاء هيو ڀائرن جي نوجواني ۾ جدائي جي جهوري وجهندو آهي اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ وارثن کي صبر جي تلقين عطا فرمائي
0 تبصرے