English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪئنال منصوبو ڪروڙين سنڌين جي موت جو پروانو آهي، ضياء ۽ مشرف کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نہ ڏنو، زرداري ۽ شھباز انھن کان سگھارا آھن ڇا؟ اياز لطيف پليجو
views
|
28th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ رڳو لاش ئي لاش هجن۔ پاڻي نہ هوندو ته سنڌ جا ماڻهو ڪشتو کڻي پنڻ تي مجبور هوندا
ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد ڀرسان 24 ميل موري 6 نوان ڪئنال اڏي سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف درياھ بچايو جلسي عام ٿيو جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ ناميارو قانوندان اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جلسي ۾ وڏيرو زاھد رمداڻ، آبادگار اڳواڻ نصير رمداڻ، شمس رمداڻ، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مجيد ٻگھيو، ڪرڙ ريٻاري، شوڪت نوحاڻي، صديق اوٺو، احسان جروار، بابو نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، مقصود ڀرڳڙي، رازو مل ڪولھي،.لڇمڻ داس، ارباب نوحاڻي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ ۽ آبادگار سميت ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. 24 ميل موري پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون ۽ لنگيون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو ويو. جلسي عام ۾ درياھ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، پاڻي کوٽ ختم ڪيو، معاشي قتل عام بند ڪيو جا وقفي وقفي سان زوردار نعرا ھنيا ويا. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ ضياء ۽ مشرف کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نہ ڏنو، زرداري ۽ شھباز انھن کان سگھارا آھن ڇا؟ سنڌ ڪئنالن خلاف جيئن نڪتي آھي ان جو ايم آر ڊي کانپوء 30-40 سالن ۾ مثال نٿو ملي. گرين پاڪستان معني سڄو پاڪستان سائو هجي۔ شهباز شريف ۽ مريم نواز جي پاليسي آهي تہ گرين پاڪستان معني پنجاب سائو ڪجي باقي سنڌ زرد ٿئي سڪي ڀڙڀانگ ٿئي ۽ پوء سنڌ ۾ رڳو لاش ئي لاش هجن۔ پاڻي نہ هوندو ته سنڌ جا ماڻهو ڪشتو کڻي پنڻ تي مجبور هوندا۔ انڪم سپورٽ ذريعي اڳ ۾ ئي عورتن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ هنن کي ڪئنال ٺاهڻ ڪون ڏيندي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي تہ ڪئنال ٺاهي ويندا، ڪئنال ٺهن پيا، ڪم هلي پيو ، سنڌي ڪجھ نہ ڪري سگهندا،اهو علط تاثر آهي زرداري صاحب دنيا فاني آھي، ھي کربين رپيا، مال ملڪيتون سڀ اتي ئي رھجي ويندا، اصل ڳالھ اھا آھي تہ قوم ۽ وطن اوھان کي ڪيئن ياد رکندا؟ وطن ۽ قوم وڪڻي دولت جا انبار جمع ڪرڻ وارا وقت جا ڪرپٽ حڪمرانو وزير ڪرپٽ آفيسر ۽ انھن جا چمچا ڪجھ شرم ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري صاحب 7 ڪروڙ سنڌين جي اکين کي ڏس، اوچا ٿيل ڳاٽ ڏس، ھاڻ خاموش نہ ٿيندا، حڪمران ٻڌي ڇڏين ڪنهن کي بہ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ نہ ڏينداسين سنڌ اسيمبلي ڪالھ تصديق ڪري ڇڏي تہ ڪينالن تي ڪم جاري آهي جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪالھ سچ ڳالهايو تہ اڄ تائين ڇو چئي رهيا هئا تہ ڪينال ڪون پيا ٺهن؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ وسيلن، پاڻي ۽ 18 هين ترميم ڇڏي تان هٿ کڻي وئي آهي چولستان ۽ ٻيا 5 ڪينال ٺهي ويا تہ سنڌ بنجر ٿي ويندي. نوان ڪينالن ٺاهڻ ۽ چشما ۽ تونسه ڪينال کي مستقل وهائڻ غير آئيني آهي، سنڌو درياه تي نوان ڪينال ٺاهڻ ملڪ جي بقا خلاف سازش آهي سڄي ملڪ جي عوام کي سنڌ جي هارين سان گڏ بيهڻو پوندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان سنڌ جي حقن لاءِ سڄي پاڪستان جي درن تي دستڪ ڏئي رهيا آهيون. اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا سنڌ جا هاري ۽ مزدور بيروزگار آهن، سندن ٻار تعليم کان محروم آهن سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين.ايازلطيف پليجي چيو تہ سينيٽ کي عوام جو حقيقي نمائندو ۽ طاقتور فورم بڻائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان هاڻي عالمي طاقتن جي مفادن جي جنگ ۾ شريڪ نہ ٿيندو. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کي پاڻي نہ پيو ڏنو وڃي، آبادگار ۽ هاري سخت متاثر آهن اسان کي ٻڌايو وڃي تہ اسان جو ڪهڙو قصور آهي جو اسان جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي؟ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀني صوبن کي گڏ جوڙڻ جا ذريعا آئين، عدليه ۽ سنڌو درياھ آهن حڪمران ٻڌي ڇڏين ڪنهن کي بہ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ نہ ڏينداسين گرين. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان معني سڄو پاڪستان سائو هجي۔ شهباز شريف ۽ مريم نواز جي پاليسي آهي تہ گرين پاڪستان معني پنجاب سائو ڪجي باقي سنڌ زرد ٿئي سڪي ڀڙڀانگ ٿئي ۽ پوء سنڌ ۾ رڳو لاش ئي لاش هجن۔ پاڻي نہ هوندو تہ سنڌ جا ماڻهو ڪشتو کڻي پنڻ تي مجبور هوندا۔ انڪم سپورٽ ذريعي اڳ ۾ ئي عورتن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سمجهي ٿي تہ اسان وفاق سان سنڌ جو سودو ڪيو آهي تہ سنڌ خاموش رهندي ۽ سر نگون رهندي۔ پيپلزپارٽي کي سمجهڻ کپي سنڌ پنهنجي پاڻي جو هڪ ڦڙو بہ وفاق کي ڏيڻ نہ ڏيندي۔ نواز ليگ ليگ کي مضبوظ ڪرڻ لاء سنڌ پيپلزپارٽي کي لکي ڏئي ڇڏي اٿن، پيپلزپارٽي بي ٽيم وارو ڪرادار ادا پئي ڪري۔ پاڻ سڀ سنڌ واسي وفاق کي سنڱ چٽي ۽ بدي ۾ ڏنل آهيون، زرداري انهن کي پڪ ڏياري آهي تہ سنڌ منهنجي کيسي ۾ پئي آهي، سنڌ جي احتجاجن کي ڪير ٿو پڇي۔ پر زرداري کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي، سنڌ جا ماڻهو زرادري کي سنڌ جو پاڻي زمينون ۽ وسيلا ڪون ڏيڻ ڏيندا سنڌ پنهنجي درياھ لاءِ وڙھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سمجهي ٿي تہ اسان وفاق سان سنڌ جو سودو ڪيو آهي تہ سنڌ خاموش رهندي ۽ سر نگون رهندي۔ پيپلزپارٽي کي سمجهڻ کپي سنڌ پنهنجي پاڻي جو هڪ ڦڙو بہ وفاق کي ڏيڻ نہ ڏيندي۔ نواز ليگ ليگ کي مضبوظ ڪرڻ لاء سنڌ پيپلزپارٽي کي لکي ڏئي ڇڏي اٿن، پيپلزپارٽي بي ٽيم وارو ڪرادار ادا پئي ڪري۔ پاڻ سڀ سنڌ واسي وفاق کي سنڱ چٽي ۽ بدي ۾ ڏنل آهيون، زرداري انهن کي پڪ ڏياري آهي تہ سنڌ منهنجي کيسي ۾ پئي آهي، سنڌ جي احتجاجن کي ڪير ٿو پڇي۔ پر زرداري کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي، سنڌ جا ماڻهو زرادري کي سنڌ جو پاڻي زمينون ۽ وسيلا ڪون ڏيڻ ڏيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Mar 2025
•
تازہ ترین
میانمار اور تھائی لینڈ میں7.7 شدت کا زلزلہ، متعدد افراد ہلاک، عمارتیں اور پل منہدم
28th Mar 2025
•
تازہ ترین
علمائے کرام دہشت گردی کے خاتمے کیلئے کردار ادا کریں، وزیراعظم
28th Mar 2025
•
تازہ ترین
خواتین کی گرفتاری آخری آپشن تھا، بڑا فوجی آپریشن ہوسکتا ہے، وزیراعلیٰ بلوچستان
28th Mar 2025
•
سندھ
کورنگی میں مزدوروں کی نمائندگی کا حق صرف منظور جانوری کو حاصل ہے،سید ولی وارثی
28th Mar 2025
•
تازہ ترین
میانمار اور تھائی لینڈ میں7.7 شدت کا زلزلہ، متعدد افراد ہلاک، عمارتیں اور پل منہدم
28th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ڪئنال منصوبو ڪروڙين سنڌين جي موت جو پروانو آهي، ضياء ۽ مشرف کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نہ ڏنو، زرداري ۽ شھباز انھن کان سگھارا آھن ڇا؟ اياز لطيف پليجو
28th Mar 2025
•
تازہ ترین
علمائے کرام دہشت گردی کے خاتمے کیلئے کردار ادا کریں، وزیراعظم
28th Mar 2025
•
تازہ ترین
خواتین کی گرفتاری آخری آپشن تھا، بڑا فوجی آپریشن ہوسکتا ہے، وزیراعلیٰ بلوچستان
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
Advertisement
0 تبصرے