ٿو موڪلايان الوداع....!

حسين منصور

ٿو موڪلايان الوداع....!

ٽيويھھ سال کن اڳ ماڻڪ ۽ مون لڳ ڀڳ گڏيل طور تي صحافتي سفر شروع ڪيو، ماڻڪ ڪاوش ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪندو ھو ۽ آئون پھرين روزاني پاڪ اخبار ۾ پروف ريڊ طور ڪم ڪندو ھوس، بعد ۾ پرين پياري جئي پرڪاش ۽ سائين وفا رضا جي مھربانين سان ڇھن مھينن اندر ئي اقبال ملاح صاحب جي مھربانين سان ڊيسڪ تي بطور سب ايڊيٽر جوائن ڪيم. ڪجھھ عرصي بعد اقبال ملاح صاحب پنھنجي اخبار دعا شايع ڪرڻ شروع ڪئي تھ اسان اُن ۾ جوائن ڪيو سين، ماڻڪ بھ اُن ۾ سب ايڊيٽر ٿي آيو، ڳچ عرصو گڏ گذاريو سين، منھنجي، ڀارومل آمراڻي، اي ڊي ڪابورو ۽ ماڻڪ جي ياري تن ڏينھن کان ھُئي، اڻ ڳڻيا ڏُکيا سکيا ڏينھن گڏ گذارياسين، تعمير سنڌ نئين شروع ٿي تھ مون تعمير سنڌ جوائن ڪئي ۽ ڪجھھ عرصي بعد سنڌ اخبار ۾ ڪامريڊ غلام رسول سھتي ۽ ڪامريڊ صالح بلو جي شاگردي ۾ رھياسين، گھڻو ڪجھھ پرايو سين، بعد ۾ مون ڪاوش جوائن ڪئي ۽ ماڻڪ ڪجھھ عرصو حيدرآباد ۾ گذارڻ بعد ڪراچي ھليو آيو، جتي ھن ڪي ٽي اين تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

بعد ۾ وري ڪي ٽي اين تي ٻئي دوست گڏجي وياسين، اختر ڪالوني جي ھوٽلن تي يادگار ڪچھريون، ٽھڪڙا ۽ ھڪٻئي سان چرچا اسان جو مشغلو ھوندا ھُئا. ڪجھھ ڏينھن اڳ اوچتو ئي اوچتو ماڻڪ ۽ مظھر ابڙو ڪنھن ڪم سانگي آفيس پھچي ويا، منھنجي آفيس واري ڪمري ۾ وري ٽھڪڙا شروع ٿي ويا، ھڪٻئي سان کل ڀوڳ ڪندي وقت گذري ويو،ھر ٻئي ٽئين ڏينھن فون بھ ڪندو ھو، پر گذريل ملاقات تي ھڪ ڪم جو چئي روانو ٿيو تھ مون کيس آفيس کان ٻاھر سي آف ڪرڻ جو سوچيو،خبر ناھي ڇو مونکي پھرئين ڀيري خيال آيو تھ آئون ماڻڪ ۽ مظھر کي گيٽ تائين سي آف ڪري اچان، اڃا آفيس جي دروازي تي ئي پھتو ھوس تھ پويان فون وڄڻ شروع ٿي وئي ۽ مون کي ماڻڪ کي الوداع ڪرڻو پيو، مون کي خبر ئي ڪانھ ھُئي تھ اھا ساڻس منھنجي آخري ملاقات ھوندي.

پاڻ اُن دور جي مخلوق آھيون، جڏھن صحافت آدرش وادي ڪم ھوندو ھو، اسان ٻنھي يارن سڄي زندگي آدرش واد طور گذاري، اڄ بھ اسان سڀني دوستن جون حالتون ڪي خاص ڀليون ناھن، پر اسان ايترو ضرور سکي ورتو تھ زندگي کي ھر حال ۾ گذارڻو آھي سو خوامخواھ جي پريشانين جي ضرورت ناھي، سو اسان ھاڻي زندگي کي گذاڻ لڳا ھُئاسين.

ماڻڪ پنھنجي نانءُ جيان يارري ۾بھ ماڻڪ ھو، ساڻس روح جا رشتا ھُئا، اڄ سندس اوچتي وڇوڙي نھوڙي وڌو آھي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ وجود جو ڪو حصو وڃائجي ويو ھُجي، ھو ھڪ دوست ئي نھ پر حياتي جي ھن سفر ۾ ڀاءُ وانگر ھو. لفظ نھ ٿا ملن تھ ڪھڙن لفظن سان کيس ڀيٽا ڏجي ۽ ڪيئن سندس وڇوڙي بابت لکجي.

الوداع سھڻا ماڻڪ، ھميشھ ياد رھندين.