English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ سونارڪي دڪان مان لکين رپين جي چوري
views
|
24th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽر) رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ گڏاپ شهر مان ٻي وڏي واردات، چور آڌي رات جو سوناري جي دڪان کي کاٽ هڻي ٽيھ تولا سون کڻي ويا، اطلاع تي گڏاپ پوليس پهچي جانچ شروع ڪري ڏني، اسان هاڻي پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهيون لڳاتار ڏينهن توڙي رات جو چوريون ٿي رهيون آهن، دڪاندارن جو احتجاج تفصيل موجب گڏاپ شهر مان رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن جي بازار مان ڦر بعد گذريل آڌي رات جو چورن آڪاش نالي سوناري جي دڪان کي کاٽ هڻي ٽيھ تولا سون کڻي ويا خبر ملندي ئي شهري ۽ دڪاندار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ان موقعي تي متاثر دڪاندار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون صبح 10 وڳي اچي دڪان کوليو ته دڪان جا تالا ٽٽل هيا ڀر ۾ ئي پوليس چوڪي تي اطلاع ڪيم پوليس دڪان تي پهچي تحقيقات شروع ڪئي آهي آڪاش ٻڌايو ته مختلف گراهڪن سونا زيور بڻائڻ خاطر ڏنا هئا جيڪي رات نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي سمورو سون ۽ پيسا ٻھاري ويا آهن، ايڏو وڏو نقصان منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي، هوڏانهن احتجاج ڪندي واپارين ٻڌايو ته گڏاپ هميشه امن امان وارو علائقو رهيو آهي مگر هن وقت گڏاپ جي حالت انتهائي حساس ٿي رهي آهي هر ٻئي ڏينهن يا هفتي دڪانن تان ڪڏهن موبائلون ڪپڙن جا تاڪ ته ڪڏهن سون لٽيو ويندو آهي شهرين ۽ دڪاندارن شڪايت ڪندي ٻڌايو ته پوليس چوڪي جي بلڪل سامهون ٻه ٽي قدمن تي سوناري جو دڪان ٽوڙي واردات ٿي آهي اسان ڪٿي ڪهڙي انتظاميا کي دانهن ڏيون هفتو پهرين به وڏي واردات ٿي ان جو به اڃان تائين ڪو نالو نشان ناهي اگر فل فور ايڪشن نه ٿي ڪنئي وڃي ته ڪاروبار بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
گڏاپ ۾ سونارڪي
0 تبصرے