ملير ۾ ريلوي جي ڪچن ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال

ملير ۾ ريلوي جي ڪچن ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ريلوي جي ڪچن ملازمن طرفان 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال، عيد کان اڳ پگهارون نه مليون ته ريلوي جي رسد بند ڪئي ويندي پورهيتن جو اعلان، تفصيل موجب ريلوي جي ڪچن ملازمن طرفان 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي اعلان ڪيو آهي ته عيد کان اڳ پگهارون نه مليون ته ريلوي جي رسد بند ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ پورهيتن غلام علي ٻٽ، محمد فاضل، جنيد اعواڻ جي اڳواڻي سعد الله جوکيو جي اڳواڻي ۾ گهگهر ڦاٽڪ ڀينس ڪالوني ڦاٽڪ ۽ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ڌرڻو هنيو ويو جڏهن ته لانڍي، مارشلنگ يار گهگهر ڦاٽڪ، داٻيچي، پورٽ قاسم يارڊ، جهنگ شاهي، جهمپير، ٻولهاڙي، ڪوٽڙي، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام جي سوين پورهيتن پڻ مخلتف ھنڌن تي احتجاج پورهيتن جو چوڻ هو ته اسان انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جا ملازم آهيون ريلوي ٽريڪ جي مرمت ڪندا آهيون اسان کي پڪو نٿو ڪيو وڃي پر وقت تي پگهار کان محروم رکيو ويو آهي هنن چيو ته 20 سالن کان اسان کي پڪو نه ٿو ڪيو وڃي اسان جي هن وقت به صرف 32 هزار پگهار آهي سرڪاري پگهار 37 هزار اعلان تي عمل ناهي ٿيوويلفيئر فنڊ جا پئسا به هڙپ ڪيا وڃن ٿا اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ريلوي جي عيد تي رسد بند ڪئي ويندي.