ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ يوم علي عليه السلام جي حوالي سان اجلاس

19 کان 21 رمضان تائين صفائي سٿرائي، لوڊشيڊنگ ۽ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي: ظفر عباس عباسي

ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ يوم علي عليه السلام جي حوالي سان اجلاس

شڪارپور ( احسان ابڙو ) يوم علي عليه السلام جي ڏهاڙي بابت ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي 19 کان 21 رمضان تائين صفائي سٿرائي، لوڊشيڊنگ ۽ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي ۽ امن امان جي حوالي سان سخت انتظام ڪيا وڃن. ظفر عباس عباسي اي ڊي سي ون شڪارپور 19 کان 21 رمضان دوران 75 مجلسون، 5 جلوس منعقد ٿيندا. ان لاءِ 1842 پوليس اهلڪار تعنيات ڪيا آهن. ڊي آءِ بي انچارج شاجهان شاهه تفصيل موجب اڄ يوم علي عليه السلام جي ڏهاڙي بابت انتظامن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسيءَ ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ هدايتون ڏيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس عباسي چيو آهي ته ضلعي اندر 75 مجلسن ۽ 5 جلوسن بابت سڪيورٽيءَ جا سخت انتظام ڪيا وڃن. اي ڊي سي ون ظفر عباس عباسي چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٽائون آفيسرن کي هدايتون ڪندي چيو ته امام بارگاهن جي متولين سان گڏجاڻيون ڪوٺائين ۽ اتي صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جا مسئلا حل ڪرائين. هن چيو ته شهر اندر جيڪي مُک پروگرام آهن، انهن جي پڻ سخت نگرائي ڪئي وڃي. هن ميونسپل جي ايڊمن آفيسر شڪارپور عنايت الله مهر کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته شهر اندر مجلسون ۽ جلوس آهن انهن جلوسن جي روٽن جي صفائي سٿرائي ۽ لائينگ کي يقيني بڻايو وڃي، جن روٽن تي تارون هيٺ آهن انهن کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ شيعه اڳواڻن کان مجلسن ۽ جلوسن جي ٽائيمنگ بابت معلومات وٺي ان تحت بجليءَ ۽ گئس جو شيڊول ٺاهيو وڃي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسي چيو ته 19 رمضان کان 21 رمضان تائين لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي. هن چيو ته يوسي ليول تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ شڪارپور کي آگاهه ڪنداسين ته يوسي ليول تي يوم علي عليه السلام جي ڏهاڙي بابت انتظامن کي ڏسن ۽ يوسي سيڪريٽريز کي پابند ڪن. جڏهن ته اي ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر سهيل ٽانوري کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته مجلسن ۽ جلوسن دوران شيڊيول مطابق ايمبولينس ۽ دوائن جو انتظام ڪري ۽ ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائي. ان کان پهرين مجلسن بابت بريفنگ ڏيندي ڊي آءِ بي انچارج شاهجهان شاهه ٻڌايو ته ضلعي اندر ٽوٽل 75 مجلسون ۽ 5 جلوس منعقد ٿيندا ۽ انهن جي سڪيورٽيءَ لاءِ 1842 پوليس اهلڪار تعنيات ڪيا آهن. ان کان پهريان شيعه اڳواڻن جن ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل جو صدر علي احمد ٻرڙو، امام بارگاهه ڪربلا سيد عطا شاهه، وحدت المسلمين اڳواڻ اصغر سيٺار ۽ ٻين ٻڌايو ته ضلعي اندر بجليءَ جي لوڊشيڊنگ، سوئي گيس جو آزار آهي. هنن چيو ته مجلسن ۽ جلوس وارن رستن تي ۽ امام بارگاهن جي آسپاس صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جو بندوبست ڪيو وڃي. هنن چيو ته جلوسن دوران رستن تي لڳندڙ تارن کي هٽايو وڃي ۽ ان موقعي تي سڪيورٽيءَ کي پڻ سخت ڪيو وڃي. هنن چيو ته يوسي ليول تي سڪيورٽي جي اسان کي گهڻي تڪليف درپيش آهي، انهن کي پڻ حل ڪرايو وڃي. ان موقعي تي اجلاس ۾ شهيدن لاءِ دعاءِ مغفرت گهري وئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڊي ايس آر رينجرس منصور باجوا، چئني تعلقن جي اسسٽنت ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن، ميونسپل آفيسر، اي ڊي ايڇ او، شيعه اڳواڻن، مذهبي تظمين جي اڳواڻن ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.