ڊسٽرڪٽ ھيومن رائيٽس ڪميٽي کي فعال بڻايو وڃي: ڊي سي عمرڪوٽ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ ھيومن رائيٽس ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ع
مرڪوٽ نور محمد شيخ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊي ايس پي جيلز ميرپورخاص قادر بخش پنھور، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ طارق وحيد، ڊي او ايجوڪيشن عمرڪوٽ، انچارج ھيومن رائيٽس سيل عمرڪوٽ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻڻ مير حسن آريسر، غلام مصطفي کوسو سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڊسٽرڪٽ ھيومن رائيٽس ڪميٽي کي فعال بڻايو وڃي ۽ جتي به انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ته اھو فل فلور رپورٽ ڪيو وڃي، ان موقعي تي ھن ڪميٽي جي ميمبرن کي ھدايت ڪندي چيو ته اسڪولن، اسپتالن، يونيورسٽي، پوليس اسٽيشن، شيلٽر ھوم سميت جتي به انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ته ان جي رپورٽ ڏجي وڃي ۽ انسان کي پاڪستان جي آئين جي 20 بنيادي آرٽيڪل تحت پورا حقوق ڏيڻ جي لاءِ سمورا ميمبر پنھنجي حصي جو ڪم ڪن، ھن چيو ته اسپتالن ۾ مريضن کي معياري صحت، اسڪولن ۾ شاگردن کي تعليم ڏيارڻ توڙي جيلن ۾ قيد قيدين کي انھن جا مڪمل بنيادي حق ڏنا وڃن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انھي ڪميٽي جا ميمبر پنھنجو ھڪ مڪمل طور تي پلان جوڙي مختلف ھنڌن جا دورا ڪري انسان کي ان جا مڪمل حق ڏيارڻ جي لاءِ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.
0 تبصرے