شڪارپور ۾ ڪاٺي جي ڪم جي تاريخ جي صوفي ٻڍل لائبريري ۾ مهورت
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور جي قلمڪار محبت بابلاڻي جي ڪتاب "شڪارپور ۾ ڪاٺي جي ڪم جي تاريخ" جي مھورتي تقريب سوشل اينڊ لٽرري فورم طرفان ڊويزنل اسڪائوٽس ھيڊ ڪوارٽر شڪارپور جي صوفي ٻڍل فقير لائبريري ۾ ٿي گذري.پروگرام جي صدارت ڊاڪٽر عامر عباس سومرو ڪئي جڏھن تہ مھمان خاص محبت بابلاڻي ۽ اعزازي مھمان حسام ميمڻ ھو. پروگرام ۾ فورم سيڪريٽري آصف شيخ ڳالھائيندي چيو ته شڪارپور جا ڪاريگر پنھنجي فن ۾ ايڏي ته مھارت رکندا آيا آھن جو سندن ھٿ جا ھنر دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پھتا آھن. ھمير چانڊيو پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته شڪارپور ۾ ڪاٺيءَ جو لاجواب ڪم شھر جي خوبصورتي جو ھڪ حوالو آھي. افسوس جو شڪارپور جي ماڻھن ان شاھڪار ڪم جو قدر نه ڪيو. شمشاد ڪيھر ٻڌايو ته شڪارپور شھر ڪاٺي جي نفيس ۽ منفرد هنر لاءِ دنيا ۾ مشهور آهي. هتي جا ڪاريگر ماهر هٿ سان ڪاٺ تي نفيس ڪٽنگ ۽ گل بوٽا، توڙي ڊزائن ڪڍي نه صرف پيٽ پالين ٿا پر پنھنجي وڏڙن جي روايت کي به زنده رکيون اچن ٿا. حسيب ناياب منگي جو خيال ھو تہ شڪارپور ۾ ڪاٺ تي چٽسالي جي ڪم جي شروعات کڻي ڪڏھن به ٿي ھجي پر انگريزن جي دور ۾ ھن فن کي عروج حاصل ٿيو. بابلاڻين جي ھن نازڪ ۽ نفيس ڪم کي سڀني پسند ڪيو. امتياز منگي ڳالھائيندي چيو ته شڪارپور شھر کي خوبصورت بڻائڻ ۾ بابلاڻي خاندان جو اھم ڪردار ادا ٿيل آھي جنھن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. نسيم بخاري ٻڌايو ته شڪارپور جا بابلاڻي فرنيچر، دروازا، دريون ۽ سينگار جون باڪمال شيون ڪاٺ مان تيار ڪن ٿا. شڪارپور جي ڪاٺ جي هنر کي مقامي ۽ بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ وڏي پذيرائي ملي آھي ھي پھريون ڀيرو آھي جو ڪتابي صورت ۾ سندن خدمتون پڌريون ٿيون آھن. اھڙيون ڪوششون يقينن سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ جو حصو آهي.عبدالجبار عاجز منگي جو چوڻ ھو ته شڪارپور ۾ بابلاڻين جو فن ۽ ھنر ھر گھٽي ۾ ڏسي محسوس ٿيندو آھي ته ھڪ شھر ۾ نه پر ھڪ ميوزم ۾ گھمي رھيو آھيان.انور سومري ڳالھائيندي چيو ته شڪارپور ۾ بابلاڻي ڪاريگرن جو فن اڄ به پنھنجو مٽ پاڻ آھي. جھڙي ھٿ ۾ صفائي اٿن تھڙو آرٽ سان گھرو لڳاءُ رکن ٿا. آئون خبردار ڪريان ٿو ته ھي شاھڪار آرٽ ماڻھن ۽ وس وارن جي بي ڌياني سبب ختم ٿو ٿيندو وڃي ان طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي. حسام ميمڻ ٻڌايو ته شڪارپور سونھن جو شھر آھي ھتان جي بابلاڻين کي ياد ڪرڻ سان گڏ سک، مطلباڻي ۽ ٻين ڪاريگرن کي به ياد رکيو وڃي. محبت بابلاڻي چيو ته پنھنجي گھراڻي جي ڪاريگرن جي ڪم متعلق سالن کان وٺي مواد گڏ ڪندو رھيس ان جي پھرين وک ھن ڪتاب جي صورت ۾ اوھان آڏو آھي آئندہ به اھڙو سلسلو جاري رکندس مون کي اميد آھي ته تاريخ جا وساريل ورق تاريخ جو حصو ضرور ٿيندا. عامر عباس سومري چيو ته مون ھندستان جي وڏن وڏن مندرن، گھرن ۽ ٻين جاين تي گھمي ڏٺو پر شڪارپور جي ڪاٺيءَ جي ڪم جي ڪاريگرن جي فن جو حوالو پنھنجو آھي. بابلاڻي پنھنجي فن ۾ ماھر ۽ ڏاڍا ذهين رھيا آھن. وڏي خوشي جي ڳالھ آھي ته ھن خاندان جو فني ڪم وارو ڏيئو اڃان روشن آھي. پروگرام ۾ شاھد سومرو ۽ جاويد جاني گيت ڳائي پروگرام جي ماحول کي اڃان وڌيڪ بھتر بڻائي ڇڏيو.ھن پروگرام ۾ پروفيسر شريف شاد سومرو، عديل علوي، عديل مھر، اظھر آزاد مغل، اياز علي سمون، محبت اعواڻ، عمران ابڙو، عبدالجبار عبد، ارباب علي عادل چوھاڻ، عبدالواسع سھندڙو، ڊاڪٽر گھنشامداس، غلام علي گل ميمڻ، سينگار صفوي، جبران سومرو، ھالار حسام اظھر مغل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0 تبصرے