English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ سينئر صحافي غازي خان لغاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو
views
|
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
غازي خان لغاري پنھنجي پوري زندگي حق ۽ سچ واري صحافت ڪئي: مقرر
مورو(جاني جماڻي) مورو پريس ڪلب جي سينيئر صحافي مرحوم غازي خان لغاري جي ياد ۾ سندس گھر واريءَ، پٽ ۽ منظور علي لغاري پاران مورو پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪرايو ويو جنھن ۾ صحافين عزيزن دوستن سميت شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مورو پريس ڪلب جي صحافين جماڻي بخشل احمد نواب علي اصغر ڪورائي، حافظ عبدالحق پنھور، اسحاق ڪورائي، فقير بشير احمد لغاري، محمد سومر سولنگي، منظور علي لغاري، محمد بخش عالماڻي، خدا بخش ميمڻ، لطف اللہ عباسي، وحيد رزاق مستوئي، جاني جماڻي، جاني مورائي، عنايت لغاري، رائو عزيز راجپوت ۽ ٻين چيو تہ صحافي غازي خان لغاري پنھنجي پوري زندگي حق ۽ سچ واري صحافت ڪئي مظلوم طبقي جو سگھارو آواز بلند ڪيو پر ڪڏھن پنھنجي لاءِ ڪجھ نہ ڪيو، ھنن چيو تہ صحافت ھڪ ڏکيو سفر آھي جنھن تي ھلڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي جنھن دور ۾ غازي خان لغاري صحافت ڪئي اھو دؤر تمام ڏکيو ۽ مارشلا جو وقت سھولتن کان محروم ھو پر ان باوجود صحافت جو سفر جاري رکيو اڄ اسان جي وچ ۾ ناھي پر سندس ڪيل صحافتي عوامي خدمتون ڪڏھن به وسرڻ واريون ناھن. تعزيتي ميڙاڪي کان پھريان صحافين سندس گھر ڀاتين صحافي غازي خان لغاري جي آخري آرامگاھ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي بخشش ۽ مغفرت جي دعا گهري وئي جنھن کانپوءِ مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪرائي آيلن کي لنگر پڻ کارايو ويو. جڏھن تہ تعزيتي ميڙاڪي عارف علي يوسفزئي، وفا سرمد رضا مستوئي، رضوان جماڻي، علي شير شيخ، فيض محمد جوڻيجو، جلال الدين سولنگي، غلام مصطفي' دونگھ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
غازي خان لغاري
مورو
0 تبصرے