English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽالهي ۾ پاڻي جو بحران برقرار ٻن مهينن کان شير ڊسٽري ۾ شيڊيول تحت پاڻي نه پهتو
views
|
26th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
علائقي واسي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان، فصلن کي نقصان، مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو
ٽالهي (رپورٽر)ٽالهي ۾ پاڻي جو بحران برقرار ٻن مهينن کان شير ڊسٽري ۾ شيڊيول تحت پاڻي نه پهتو علائقي واسي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان فصلن کي نقصان مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي اڻلب ٿي ويو نارا ڪئنال جي وارا بندي ختم ٿيڻ باوجود اسان وٽ ٻن مهينن کان پاڻي ڪونهي فصل سڪي ويو زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ پئيڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آهيون، علائقي واسي، پاڻي گهٽ آهي پنج کان ست ڏينهن بعد پاڻي شير ڊسٽري ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، ايريگيشن عملدار خبر موجب سب ڊويزن نئو ڪوٽ مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ شير ڊسٽري ۾ ٻن مهينن کان پاڻي ناهي پهچي سگهيو جنهن سبب علائقي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن انهي سلسلي ۾ آبادگارن علائقي واسين اصغر علي گرگيز شير محمد گشڪوري ڪريمداد گشڪوري ڀارمل ڪولهي ڏنو ٽنگڙي مولوي سڪندر گشڪوري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽالهي ۽ هن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ نارا ڪئنال جي سالياني واري بندي ختم ٿيڻ جي باوجود اسان وٽ پاڻي ناهي پهتو شروعاتي ۾ گندلو ۽ بدبودار بيٺل پاڻي شير ڊسٽري ۾ ڇوڙ ڪيو ويو جيڪو پئيڻ جي لائق نه هيو جنهن سبب اسان مسلسل ٻن مهينن کان پاڻي ڦڙي لاءِ سخت پريشان ٿي ويا آهيون توڙي جو ڪيترين ئي ايڪڙن تي پوکي ٿيل چيٽي جو فصل ڪڻڪ توريو اسپنگر کي وڏي حد تائين نقصان پهتو آهي اسان جون زرخيز زمينون بنجر بڻجي ويون آهن جنهن سبب اسان کي لکين رپين جو نقصان جو خدشو آهي توڙي جو مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي پڻ اڻلڀ ٿي ويو آهي مختلف علائقن مان پئسن عيوض پاڻي جا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 26 ڊسمبر 2024 کان پاڻي بند هجڻ ۽ هن بعد سب ڊويزن نئو ڪوٽ مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ شير ڊسٽري کي گندلو ۽ بدبودار پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جيڪو استعمال جي قابل نه هجڻ ڪري شهر جي مک واٽر سپلائي جي تلائن ۾ پئيڻ جو پاڻي اسٽاڪ ناهي ڪيو ويو تنهنڪري هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ايڪسن مٺڙائو کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته جلد کان جلد شير ڊسٽري کي شيڊيول تحت پاڻي ڏنو وڃي ته جئين علائقي واسين جون پريشانيون گهٽ ٿي سگهن ٻئي پاسي ايريگيشن عملدار انجنيئر مٺڙائو وسيم سومرو سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته فلحال پاڻي گهٽ آهي ۽ رڻ شاخ کي پاڻي ڏنو پيو وڃي پنج کان ست ڏينهن بعد شير ڊسٽري کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽالهي
نارا ڪئنال
0 تبصرے