پوليو جا ڦڙا نہ پياريندڙ والدين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي: نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اين آئي ڊي فيبروري 2025 جي پوسٽ ڪئمپينگ جي حوالي سان ھڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جا ڦڙا نہ پياريندڙ والدين جي خلاف ايمونائيزيشن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي، ھن چيو ته فيبروريءَ 2025 جي گذريل اين آئي ڊي ۾ پوليو جي ڪوريج تمام بھترين رھي، ھن چيو ته انھي ڪئمپينگ دوران سنڌ پوليس توڙي صحت کاتي جي عملدارن جي ڪارڪردگي تمام سٺي رھي، ان موقعي تي ھن گذريل رائونڊ ۾ يوسي عطا محمد پلي ۾ ھڪ ايل ڪيو ايس ڪيس ظاهر ٿيڻ تي يوسي ايم او توڙي ايريا انچارج کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته پوسٽ ڪئمپينگ دوران رھجي ويل ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن، ان موقعي تي ھن پوليو ٽيمن خاص ڪري ويڪسينيٽرن تي زور ڏيندي چيو ته جيڪي ٻاڙ مشڪوڪ ھجن تہ انھن کي ضرور پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي خطاب ڪندي چيو ته پوليو ھڪ قومي فريضو آھي ۽ پوليو رائونڊ دوران سمورا ضلعي ڪائونسل ميمبر توڙي يوسي چيئرمين پوليو مهم ۾ پنھنجو ڀرپور تعاون ڪندا ۽ ضلعي انتظاميا سان اسان جو ھميشه تعاون رھندو، ان موقعي تي اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسرداس سوٽھڙ، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاداس سوٽھڙ، اي پي آئي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ٽڪسيش آفيسر ايم سي عمرڪوٽ اويس سميجو سميت صحت کاتي جي ڊاڪٽرن توڙي ايريا انچارج شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اي پي آئي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان گذريل پوليو جي رائونڊ ۾ 90 سيڪڙو زيرو ڊوز جي ٻارڙن جي ڪوريج ڪئي آھي جڏھن ته 238 زيرو ڊوز جا ٻار رھيل آھن، ھن چيو ته 1073 اين اي جا ٻار آھن جڏھن ته يوسي عطا محمد پلي ۾ ھڪڙو ڪيس ايل ڪيو ايس ظاهر ٿيو آھي، جنھن تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته جيڪي ٻار رھيل آھن انھن کي فوري طور تي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ۽ ايندڙ پوليو رائونڊ ۾ 100 سيڪڙو ڪوريج ڪئي وڃي ۽ انھي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے