ڪراچي(رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي شعبھ شماريات ۾ بي ايس شماريات جا فارغ التحصيل طلبا جي عزاز ۾ هڪ شاندار تقريبِ تقسيمِ اسناد جو انعقاد ڪيو ويو. ان تقريب ۾ شاگردن، والدين ۽ فئڪلٽي ممبرز وڏي تعداد ۾ موجود هئا. تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کان پوء نعت شريف پڙهي وئي جنهن تقريب کي روحاني ماحول ۾ رنگين بڻائي ڇڏيو. ان کان پوءِ قومي ترانو ۽ ملّي نغمہ پڙهڻ سان حبِ وطن جو اظهار ڪيو ويو. هن موقعي تي شعبھ جي ھيڊ زوھيب عزيز پنهنجي خطاب ۾ تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن شماريات جي اهميت تي روشني وڌي ۽ طلبا کي جديد تحقيق ۽ عملي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي. ليڪچرر اسامھ اجازت پڻ طلبا سان خطاب ڪيو ۽ انهن جي محنت، لگن ۽ ڪاميابين کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ دعا ڪئي. هن پنهنجي مضمون جي حوالي سان اهم نڪتن تي روشني وڌي ۽ طلبا کي عملي زندگي جا چيلينجز سامهون رکڻ لاءِ تيار رهڻ جو مشورو ڏنو. ليڪچرر عمير وقاص پڻ پنهنجي خطاب ۾ شماريات جي بدلجندي رحجانن ۽ جديد تحقيق جي اهميت تي بات ڪئي. هن طلبا جي محنت ۽ عزم کي ساراهيو ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائون پيش ڪيون. تقريب ۾ ليڪچرر طارق حسين سميت تمام فئڪلٽي ممبرز موجود هئا، جن فارغ التحصيل طلبا کي ڪاميابيءَ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن کي وڌيڪ ترقي لاءِ مشورا ڏنا. هي تقريب بينچ 2021 جي شاگردن پنھنجي جي مدد سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ استاد ۽ فئڪلٽي ممبرز کي اعزازي تحفا پڻ ڏنا ويا. آخر ۾، طلبا پنهنجي خوشي ۽ جذبات جو اظهار ڪيو، پنهنجي تعليمي سفر جون حسين يادون تازو ڪيون ۽ مستقبل لاءِ پنهنجا عزائم ظاهر ڪيا. ان کان پوءِ اسناد جي تقسيم ڪئي وئي ۽ سڀني مهمانن جو ٿورائتو ٿيندو ڪيو.
0 تبصرے