مورو جي مسجد ۾ يارهين شريف جو پروگرام منعقد

مورو جي مسجد ۾ يارهين شريف جو پروگرام منعقد

مورو (جاني جماڻي) المرڪز طاھريہ واپڊا مسجد مورو ۾ ماھوار يارھينء شريف ۽ عرس مبارڪ حضرت خواجه محمد عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه ملهايو ويو ۽ايثال ثواب مرحوم مغفور فقير عبدالجبارچنہ طاھري رحمت الله عليه جنهن جي شروعات تلاوت قرآن سان ٿي تلاوت محمد عبدالجليل ٻاٽ طاهري ڪئي نعت منقبت محمد عبدالعليم ٻاٽ طاهري پيش ڪئي اول خطاب محترم جناب مولانا رياض علي چنہ صاحب ڪيو بعد ۾ خصوصي خطاب خليفه سائين ميان محمد بخش ٻاٽ طاهري نقشبندي جن ڪرڻ فرمائيو پروگرام ۾ شھر جي معززين سماجي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي بعد ۾ آيل جماعتن ۾ ننگر تقسيم ڪيو ويو ننگر ۾ تعاون خليفه سائين محمد بخش ٻاٽ طاهري ۽ علي احمد ٻرڙو ڪيو. پاران برانچ واپڊا مسجد مورو پريس سيڪيرٽري سجاد احمد چانڊيو طاهري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.