نوشهرو فيروز(ڊ ر)اين پي پي سربراهه ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي کي عدالت ۾ پيش نہ ڪرڻ باوجود نوشهرو فيروز دھشتگردي جي انت واري خاص عدالت سندس ٻن لکن جي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪري ورتي. جيل سپرنٽينڊنٽ کان اي ٽي سي جي جج سخت پڇاڻو ڪيو تہ کيس نارا جيل ڇو منتقل ڪيو ويو جڏهن تہ اسان جو آرڊر هو ته کيس ڊسٽرڪٽ جيل نوشهرو فيروز منتقل ڪري، بيمارين سبب اسپتال شفٽ ڪيو وڃي. جيل سپرنٽينڊنٽ جو چوڻ هو تہ آءِ جي، جو حڪم هو ته کيس نارا جيل موڪليو جنهن تي جج برهمي جو اظهار ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کي ڪورٽ ۾ ڪافي وقت ويهاري ڇڏيو ۽ ضمانت منظور ڪري ورتي. هوڏانهن غلام مرتضيٰ جتوئي جو ستن ڏينهن لاءِ پوليس ڪالھ موڪل واري ڏينهن لاڙڪاڻي جي عدالت مان رمانڊ حاصل ڪيو هو، سندس مٿان ڏوڪري ۽ باڊھ ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جن ۾ ھڪ موٽر سائيڪل چوري ۽ ٻيو ڦر جو ڪيس داخل آھي ته 4 جوابدار سڃاتاسين باقي هڪ کي سڃاڻينداسين ان سڃاتل ڦر ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. مرتضيٰ جتوئي جي وڪيل عبداللّٰه ڪورائي ٻڌايو تہ هائيڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سندس گرفتاري عدالت جي بي حرمتي آھي، جنهن تي اسان توهين عدالت ۾ وڃون پيا ۽ عاقب خان جتوئي ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد جي وڪيلن سان رابطي ۾ آھي.
0 تبصرے