ڏوڪري ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي

ڏوڪري ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ "يوم يڪجهتي ڪشمير" سان يڪجهتي جي حوالي سان بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ان حوالي سان ريلي ۾ اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، اسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير، عبدالغفور زهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ريلي کي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، اسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جو قتل عام ڪري رهي آهي، ڪشميرين جي آزادي لاءِ پاڪ فوج پاڻ پتوڙي رهي آهي. هنن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي پاڪستاني عوام ڪشميرين سان هر محاذ تي گڏ آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان وساريو ناهي هن جنت نظير کي ڇو ته هن کانسواءِ پاڪستان اڌورو آهي اسان اڄ به ڪشميرين جي حق خداراديت ۽ آزاديءَ جي نعري سان گڏ بيٺا آهيون ۽ هميشه سندن بنيادي حق جي حمايت جاري رکنداسين.