ٺٽو، سجاول، ڪشمور، ڪوٽڙي، سکر، لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
ڪشمور/ٺٽو/سجاول (رپورٽرز وٽان) پي ايف يو جي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٺٽو، سجاول، ڪشمور، ڪوٽڙي، سکر، لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٺٽي ۾ وفاقي حڪومت پاران آزاد صحافت تي وار ڪري پيڪا ايڪٽ قانون لاڳو ڪرڻ واري عمل خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي ٺٽي ۾ بہ پريس ڪلب ٺٽو تي ڪارو جھنڊو چاڙھي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي يونٽ جو صدر منصور جلالاڻي، سينيئر صحافي خدا بخش بروھي، ڊاڪٽر شاھد صديقي، اعجاز واريو، اسماعيل ميمڻ ڪري رھيا ھئا، جڏھن تہ احتجاج ۾ شامل صحافين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪاري قانون خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاھري ۾ صحافين عبدالوھاب شيخ، مُحمد ايوب ملاح، حاجن سولنگي، عبدالعزيز جوڳي، عباس پٺاڻ، يوسف دايو، رضا خاصخيلي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين خطاب ڪندي چيو تہ حڪومت پيڪا ايڪٽ ذريعي صحافين جي آواز کي دٻائڻ جو ڪوشش ڪئي آھي، پيڪا ايڪٽ کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. سجاول ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي مرڪزي سڏ تي پيڪا ايڪٽ خلاف سجاول ۾ قلم ڌڻين پاران احتجاج ڪيو ويو، سجاول شهر جي مختلف پريس ڪلب جي قلم ڌڻين سورج سجاولي پريس ڪلب جي صدر اسماعيل سرويچ، ساگرسليم کوسو، نجيب سرويچ. صديق آرائين، ڪاشف جوڻيجو، سليم ملاح، جاني جوڳي، ممتازنهڙيو، اسماعيل کتري، گلشيرميربحر ' نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ، نديم ميمڻ، رياض ميمڻ، بابو ڪنڊرا، خالدطاهراڻي، جي ايم ميمڻ، اسلم شاه، سجاول پريس ڪلب جي حنيف ملاح، ٽيپو ۽ ٻين ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهري ۾ قلم ڌڻين چيو ته حڪومت طرفان جيڪو پيڪا ايڪٽ صحافين خاطر پابندي لڳائي وئي آهي ان جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.آزادي صحافت هر مظلوم ماڻھو جو آواز آهي جيڪو وفاقي حڪومت پيڪا جي نالي سان ڪارو قانون ٺاهي پنهنجا پاپ لڪائڻ چاهي ٿي اسان پيڪا ايڪٽ جي اھڙي ڪاري قانون کي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته پيڪا ايڪٽ تريم جو بل فوري طور رد ڪيو وڃي. ڪشمور ۾ پوري ملڪ جيان ڪشمور ۾ به قلم ڌڻين جو پيڪا ايڪٽ ترميمي بل خلاف ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب ڪشمور اڳيان احتجاجي مظاهرو ترميمي بل ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي تفصيل موجب :- حڪومت پاران اظهار جي آزادي صحافيين کي سچ ڳالهائڻ توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي حق سچ لکڻ تي پيڪا بل منظوري بعد صحافين توڙي سوشل ورڪرن سميت ٻين مختلف عوام ۾ سخت ڪاوڙ هي لهر ڇانيل پوري ملڪ ۾ پيڪا بل خلاف احتجاج هلندڙ ڪشمور ۾ به صحافي سياسي سماجي برادري پاران ترميمي بل جي منظوري خلاف ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب ڪشمور جي چيئرمين حاڪم علي کوسو، صدر وسيم شاھ ،جنرل سيڪريٽري نديم ملڪ، اختر شيخ يوسف دشتي ۽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر غلام فريد ڄامڙو هاڻوڪي جنرل سيڪريٽري محمد شريف ڄامڙو وسيم ڄامڙو، پاڪستان ميڊيا سينٽر جي صدر اقرار گل فراس،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ رفيق احمد چنه، صلاح الدين سومرو، اقبال حيدر کوسو، جماعت اسلامي جي وزير چنه توڙي ٻين احتجاج ۾ شامل ٿي ڪري حڪومت جي ڪاري قانون خلاف پيڪا ايڪٽ بل نامنظور، صحافت تي پابندي نامنظور، اظهار جي آزادي نامنظور، حڪومت پاران لاڳو ڪارو نامنظور جا نعرا پن هنيا ويا صحافي برادري پايان حڪومت جي لڳايل قانون کي رد ڪندي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو ته اگر حڪومت بل واپس نه ورتو ته ملڪ گير حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ سوشل ميڊيا بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو
0 تبصرے