ڪشمور جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن، 2 ڌاڙيل مارڻ ۽ 3 زخمي ڪرڻ جي دعويٰ

ايس ايس پي زبير نظير شيخ ۽ رينجرس ونگ ڪمانڊر جي نگراني ۾ گيھلپور ڪچي ۾ آپريشن

ڪشمور جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن، 2 ڌاڙيل مارڻ ۽ 3 زخمي ڪرڻ جي دعويٰ

ڪشمور(رپورٽ:دلبر جاني) ڪشمور پوليس جو ايس ايس پي زبير نظير شيخ ۽ رينجرس ونگ ڪمانڊر جي نگراني ۾ گيھلپور ڪچي ۾ بي رحماڻو آپريشن جاري ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي ڊرون حملا جاري ٻه ڏوهاري مارجي ويا ٽي زخمي، ڪشمور جي ڪچي گيھلپور ۾ ڏوھارين خلاف ڪشمور پوليس جي ڪمانڊر ايس ايس پي زبير نظير شيخ ۽ ونگ ڪمانڊر رينجرس جو گڏيل آپريشن جاري انعام يافته ڏوهاري بخت علي شر جي گھر مٿان ڊرون حملو حملي ۾ انعام يافته ۽ ڀتا گهرندڙ گينگ جو سرغنہ ڏوهاري بخت علي ۽ بديهل شر زخمي سندس ڀاءُ مبين شر ئي ساٿي مٺو شر مارجي ويا ۽ ٻه ڏوهاري پڻ زخمي ٿيڻ جا اطلاع ڏنا پيا وڃن، پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته مغوين جي بازيابي ۽ ڌاڙيلن جي آخري ڏوهاري تائين آپريشن جاري رهندو هاڻ آپريشن ڪچي ۾ ڏوھاري ختم ڪري پوءِ آپريشن ختم ڪيو ويندو هوڏانهن سوشل ميڊيا تي سندس پاڻ ۾ جهيڙي جون خبرن جا چوٻول هلن پيا پر ڪشمور پوليس آپريشن جي دعوا ڪري ڇڏي ياد رهي ته ڪشمور پوليس جو مغوين جي بازيابي لاء ٻن سالن کان ڪشمور ضلعي جي ڪچن وارن علائقن ۾ آپريشن جاري آهي آپريشن ۾ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري سميت ڪچي ۾ لٿل آهي وقفي وقفي سان فائرنگ ۽ ڊرون حملي جو سلسلو جاري وڌيڪ ڪاميابي ملن جا اطلاع پڻ آهن