English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي پيڪا آرڊيننس تي صحيح ڪري جمھوريت تي وار ڪيو آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پيڪا ترميمي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيڪا ترميمي آرڊيننس کي رد ڪندي چيو آھي تہ آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي پيڪا آرڊيننس تي صحيح ڪري جمھوريت تي وار ڪيو آھي. پيڪا آرڊيننس ڪارو قانون آھي، جيڪو اظهار جي آزادي کي روڪڻ لاءِ آندو ويو آھي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي گڏيل حڪومت بوکلائجي وئي آھي. عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن. حڪومت عوام جي تنقيد برداشت نٿي ڪري سگھي. سنڌ ۾ ۽ وفاق کي بدترين حڪمراني آھي. خراب سياسي ۽ معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ سنگين بحرانن جو شڪار آھي، جيڪو ماڻهو حڪمرانن جي غلط قدمن ۽ عملن خلاف آواز بلند ڪندو يا اختلاف ڪندو تہ ان آواز کي ھاڻ ڪاري قانون تحت دٻايو ويندو ۽ انتقامي ڪارواين لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اسين ان ڪاري قانون کي رد ڪريون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي عوام کي جمھوريت، اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي دوکا ڏنا آھن. سنڌ ۾ عوام دشمن معاشي پاليسين جي ڪري ماڻھو اٽي، لٽي ۽ اجھي لاءِ پريشان آھن. گرين پاڪستان بليڪ سنڌ منصوبو آھي، لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن. جمھوريت ۾ سڀني کي ڳالھائڻ ۽ پنھنجي اظھار جي آزادي ھوندي آھي، پيپلز پارٽي سربراھ پيڪا آرڊيننس آڻي اھو حق ختم ڪيو آھي، جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي گھٽ آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
پيڪا آرڊيننس
0 تبصرے