English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سماجي اڳواڻ ڀاڳچند کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ
views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا: متاثر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جو سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڊاڪٽر ڀاڳچند هٿياربندن ھٿان ڦرجي ويو، اسٽيل ٽائون ٿاڻي لڳ قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن صبح جو سوير ان وقت روڪي ڦر ڪئي جڏهن هو ٺٽي ۾ اجتماعي شادين ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو، ٿاڻي تي ڪيس داخل، ٽي فوروٿقومي شاهراهه تي هٿيارن جي زور تي روڪي موٽر سائيڪل موبائيل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، مونسان مسلسل واقعا ٿي رهيا آهن، سماج سڌارڪ ۽ صحافي محفوظ نه آهن ته عام ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ڪارروائي نه ڪئي وئي ته پهرين فيبروري تي احتجاج ڪنداسين ڊاڪٽر ڀاڳچند جو پريس ڪانفرنس ۾ اعلان، تفصيل موجب ملير جو سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڊاڪٽر ڀاڳچند هٿياربندن اسٽيل ٽائون ٿاڻي لڳ قومي شاهراهه تي جنت بينڪيوٽ اڳيان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن هٿان ڦرجي ويو، ڦورن ڊاڪٽر ڀاڳچند کي صبح جو سوير ان وقت روڪي ڦر ڪئي جڏهن هو ٺٽي ۾ اجتماعي شادين ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو، واقعي خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڀاڳچند پنهنجي ساٿين سمير حمائتي، مٺو ڪمار مهيشوري، مڪيش ڪمار سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پرهجوم ڪانفرنس ڪندي چيو ته مونسان مسلسل واقعا پيش اچي رهيا آهن، اڄ صبح جو سوير آئون غريب نياڻين جي اجتماعي شادي ۾ شرڪت لاءِ ٺٽو وڃي رهيو هوس ته گلشن حديد اڳيان ٽي ڦورو قومي شاهراهه تي هٿيارن جي زور تي روڪي مونکان موٽر سائيڪل موبائيل ۽ روڪ رقم 30 هزار رپيا ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا،امن امان جي صورتحال اهڙي آهي جو سماج سڌارڪ ۽ صحافي محفوظ نه آهن ته عام ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو، هن آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ پهرين فيبروري تي احتجاج ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سماجي اڳواڻ
0 تبصرے