English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس
288 views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ھن ڀيري پوليو مھم ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو: ڊي سي عمرڪوٽ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ 03 کان 07 فيبروري 2025 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي مڪمل ڪيل انتظامن توڙي ريڊينيس اين آئي ڊي فيبروري 2025 جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي دربار ھال ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ پوليو مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ھن ڀيري پوليو مھم ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ تہ پوليو جو خاتمو قومي فرض آھي، ھن چيو تہ عمرڪوٽ ۾ پوليو وائرس جا سيمپل ملڻ انتھائي خطرناڪ آھي، جڏهن تہ پوليو جي گڏجاڻي ۾ غير حاضر رهندڙ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر عمرڪوٽ پرائمري ۽ سيڪنڊري عنايت الله ڪنڀر کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ ايندڙ پوليو مھم دوران مڪمل تعاون ڪيو وڃي ۽ تعلقہ ايجوڪيشن آفيسرن کي پڻ ان مھم دوران پابند ڪيو وڃي تہ پنھنجي لاڳاپيل تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ يوسي ايم اوز سان مڪمل سھڪار ڪن جڏهن تہ لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن کي پڻ ھدايتون ڏيندي چيو تہ يوسي چيئرمين ۽ يوسي آفيسر پنھنجي علائقن ۾ پوليو مھم دوران مڪمل تعاون ڪن، ھن وڌيڪ چيو تہ پوليو مھم دوران ويڪسينيٽرن کان سختي سان ڊيوٽي ورتي وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ ويڪسينيٽرن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي چيو تہ پوليو مھم ۾ ھر ممڪن تعاون ڪيو ويندو ۽ رفيوزل ڪيسن ۾ پڻ مدد فراهم ڪئي ويندي جڏهن تہ تمام يوسي چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جا ميمبر پوليو ٽيمن سان ڀرپور سھڪار ڪندا. ان موقعي تي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ 03 فيبروري کان 07 فيبروري 2025 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن، ان موقعي تي اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجئہ ڪمار ترڪيو، ايم ايس سول سرجن عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد ھنڱورجو، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڪيسراڻي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسر داس، پي پي ايڇ آئي ڊي ايم ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ، ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري عنايت الله ڪنڀر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ٽيڪسيشن آفيسر ميونسپل ڪميونٽي عمرڪوٽ اويس سميجيو، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊاڪٽر شير علي مھر، پوليو ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منڱريو، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگا شنڪر،ڊاڪٽر مونيڪا ڪماري، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، سامي فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر غلام مصطفي کوسو، سماجي تنظيم ھينڊز ڊسٽرڪٽ مئنيجر امام بخش خاصخيلي، ٿرديپ جي اظرہ قمبراڻي، سي ڊبليو ايس اي، شفا فائونڊيشن سميت ٻين سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي، ان کانپوء ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي بقا پلي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ڊاڪٽر محمد علي نھڙي برھان ڪنڀر سميت ضلعي انتظاميہ جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين پوليو بابت آگاهي واڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ
نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے