English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس
views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ھن ڀيري پوليو مھم ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو: ڊي سي عمرڪوٽ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ 03 کان 07 فيبروري 2025 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي مڪمل ڪيل انتظامن توڙي ريڊينيس اين آئي ڊي فيبروري 2025 جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي دربار ھال ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ پوليو مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ھن ڀيري پوليو مھم ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ تہ پوليو جو خاتمو قومي فرض آھي، ھن چيو تہ عمرڪوٽ ۾ پوليو وائرس جا سيمپل ملڻ انتھائي خطرناڪ آھي، جڏهن تہ پوليو جي گڏجاڻي ۾ غير حاضر رهندڙ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر عمرڪوٽ پرائمري ۽ سيڪنڊري عنايت الله ڪنڀر کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ ايندڙ پوليو مھم دوران مڪمل تعاون ڪيو وڃي ۽ تعلقہ ايجوڪيشن آفيسرن کي پڻ ان مھم دوران پابند ڪيو وڃي تہ پنھنجي لاڳاپيل تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ يوسي ايم اوز سان مڪمل سھڪار ڪن جڏهن تہ لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن کي پڻ ھدايتون ڏيندي چيو تہ يوسي چيئرمين ۽ يوسي آفيسر پنھنجي علائقن ۾ پوليو مھم دوران مڪمل تعاون ڪن، ھن وڌيڪ چيو تہ پوليو مھم دوران ويڪسينيٽرن کان سختي سان ڊيوٽي ورتي وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ ويڪسينيٽرن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي چيو تہ پوليو مھم ۾ ھر ممڪن تعاون ڪيو ويندو ۽ رفيوزل ڪيسن ۾ پڻ مدد فراهم ڪئي ويندي جڏهن تہ تمام يوسي چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جا ميمبر پوليو ٽيمن سان ڀرپور سھڪار ڪندا. ان موقعي تي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ 03 فيبروري کان 07 فيبروري 2025 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن، ان موقعي تي اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجئہ ڪمار ترڪيو، ايم ايس سول سرجن عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد ھنڱورجو، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڪيسراڻي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسر داس، پي پي ايڇ آئي ڊي ايم ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ، ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري عنايت الله ڪنڀر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ٽيڪسيشن آفيسر ميونسپل ڪميونٽي عمرڪوٽ اويس سميجيو، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊاڪٽر شير علي مھر، پوليو ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منڱريو، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگا شنڪر،ڊاڪٽر مونيڪا ڪماري، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، سامي فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر غلام مصطفي کوسو، سماجي تنظيم ھينڊز ڊسٽرڪٽ مئنيجر امام بخش خاصخيلي، ٿرديپ جي اظرہ قمبراڻي، سي ڊبليو ايس اي، شفا فائونڊيشن سميت ٻين سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي، ان کانپوء ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي بقا پلي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ڊاڪٽر محمد علي نھڙي برھان ڪنڀر سميت ضلعي انتظاميہ جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين پوليو بابت آگاهي واڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ
نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے