ٽن ٻارڙن جي ماءُ شهناز کي هفتو اڳ زهر ڏئي قتل ڪيو ويو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: مظاهرين
مورو (جاني جماڻي) مورو شھر جي چوھاڻ ڪالوني جي رھواسي عورتن مردن معصوم ٻارڙن جو ڪجھہ ڏينھن اڳ مبينا پرسرار نموني قتل ٿيندڙ ٽن ٻارڙن جي ماء مسمات شھناز عرف پوپري چوھاڻ جو ڪيس داخل نہ ڪرڻ ء جوابدارن کي گرفتار نہ ڪرڻ اڳيان احتجاجي مظاھرو قاتلن جي گرفتاري پوليس خلاف سخت نعري بازي مظاھري جي اڳواڻي مسمات ارشاد خاتون صائمہ شھربانو شبانہ ڪليم اللہ محمد ادريس رحمت اللہ چوھاڻ حبيب اللہ چوھاڻ ء ٻيا ڪري رھيا ھيا ان موقعي تي انھن چيو تہ اسان جي نياڻي شھناز عرف پوپري چوھاڻ سندس مڙس آصف چوھاڻ سندس ڀائرن مظھر چوھاڻ شاھنواز ء ٻين زھر ڏئي تشدد ڪري قتل ڪيو آھي مورو پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري ء اسان اھڙو مقتولا نياڻي جو پوسٽ مارثم پڻ ڪرايو آھي تنھن ھوندي پوليس اسان جو فرياد ٻڌڻ ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار ناھي نياڻي جو قاتل مڙس آصف چوھاڻ دبئي فرار ٿي ويو آھي ھنن مطالبو ڪيو تہ اسان جي بيگناھہ قتل ٿيندڙ نياڻي جي قتل م ملوث آصف چوھاڻ سندس ڀائرن خلاف ڪيس داخل ڪري انھن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے