English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري جي بي آءِ ايس پي سينٽر ۾ عورتن جي پيهه، وظيفي مان ڪٽوتي جون دانهون
views
|
22nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
مستحق عورتن پاران ڊوائيس هولڊرن ۽ سندن ايجنٽن تي في ڪارڊ تي 2 کان 3 هزار ڪٽوتي جو الزام
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ امدادي سينٽر تي مستحق عورتن جي رش، سهولتون اڻلڀ، ايجنٽ مافيا سرگرم، امدادي رقم مان 2 کان 3 هزار روپيا ڪٽوتي، مستحق عورتن جو احتجاج، ڪنهن نوٽيس نه ورتو. ڊوائيز هولڊر ۽ فرنچائيز مالڪ ملي ڀڳت ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسرن جي ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. ڊوائيز هولڊر پاران مستحق عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڏوڪري سميت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسرن ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيز هولڊر ۽ ايجنٽن خلاف ڪا بہ ڪارروائي ناهي ڪئي. تفصيل موجب ڏوڪري ۾ امدادي سينٽر تي مستحق عورتن جي رش رهي ٿي سينٽر جي انتظاميا کين سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته سينٽر تي ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وئي آهي مستحق عورتن جي امدادي رقم مان 2 کان 3 هزار روپيا ڪٽوتي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ۽ مستحق عورتن احتجاج ڪيو آهي پر ڪنهن نوٽيس نه ورتو آهي، ان ڏس ۾ ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر تي قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي غريب مستحق عورتن کي ملندڙ 13500 روپيا وظيفي مان 2 کان 3 هزار روپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، ان ڏس ۾ وظيفو وٺڻ لاءِ آيل مستحق عورتن اميندان خاتون، صاحبہ خاتون، فيا خاتون ۽ ٻين چيو ته ڊوائيز هولڊر سليمان گودڙائي، محمد خان خاصخيلي، انعام خاصخيلي، عصمت خاصخيلي، بلاول خاصخيلي، راڻو پنهور ۽ ٻيا فرنچائيز مالڪ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر انچارج، ايجنٽن سان ملي ڀڳت ڪري 2 کان 3 هزار روپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، رشوت نه ڏيڻ تي مختلف بهانا ڄاڻائي واپس موٽائي ڇڏين ٿا،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے