ٺٽي ۾ نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

سيف الله عرف بابو خشڪ پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪيو: وارث

ٺٽي ۾  نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر جي ڊاڪٽر گلي ۾ صحت کاتي ٺٽي جي ملازم اڪرم خشڪ جي نوجوان ڀائٽي سيف اللہ عرف بابو خشڪ ولد غلام مصطفي خشڪ ٺٽي شھر ۾ پنھنجي گھر ۾ مبينا طور پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، نوجوان کي سول اسپتال مڪلي نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد سندس لاش پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن تہ خود ڪشي جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو، پوليس وڌيڪ جانچ جاري ڪري ڇڏي اھي، ٻئي طرف خودڪشي ڪندڙ نوجوان سيف الله عرف بابو خشڪ جي چاچي محمد اڪرم خشڪ ٻڌايو تہ سندس ڀائيٽو ڪجھ ڏينھن کان ڪافي سخت ذھني دٻاء جو شڪار ھو، خبر ناھي تہ ھن اھڙو قدم ڇو کنيو، سندس اھڙي قدم کڻڻ سان اسانجو گھر ئي اجڙي ويو آھي.