ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن ڪوئيٽا جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر سيد علي رضا شاهه جي اڳواڻي ۾ 42هين مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي 5 فيڪلٽي ميمبرن سميت 30 آفيسرن جي هڪ وفد پاران ضلعي ٺٽي جي مطالعتي دوري جي موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي سان دربار هال مڪلي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد کي ٺٽي ضلعي جي تاريخ، ثقافت، ترقياتي منصوبن، تعليم، صحت ۽ ٻين انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي چيو ته ضلعو ٺٽو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هتي قيمتي پٿر، پيٽرول، گئس ۽ ٻي معدنيات پڻ دريافت ٿي آهي، ملڪ جو هڪ وڏو ونڊ ڪوريڊور پڻ ھن ضلعي ۾ آهي جيڪو ڪيترائي ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري قومي گرڊ اسٽيشن کي فراھم ڪري ٿو. ان کان علاوه سي پيڪ تحت معاشي بحالي لاءِ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪيو ويو آهي، جنهن کي مقامي ۽ بين الاقوامي سيڙپڪارن لاءِ هڪ اهم مرڪز قرار ڏنو ويو آهي، اسپيشل اڪنامڪ زون جو ڪراچي بندرگاھن جي ويجهو هئڻ ڪري عالمي واپاري رستن ذريعي بھترين رابطو فراھم ٿيندو. ھن چيو تہ ٺٽو سنڌ جو قديم ۽ پرامن شهر هجڻ سان گڏ ماضي ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رهيو آهي. هن چيو ته ٺٽي جي نه رڳو هزارين سال پراڻي تاريخ آهي پر ماضي ۾ سنڌ جي گادي جو ھنڌ رھيڻ سان گڏ اسلام جي شروعات پڻ هتان ٿي جنهن سبب ٺٽي کي باب الاسلام جو لقب پڻ مليو. هن ٻڌايو ته ماضي ۾ ٺٽي ضلعي جا ساحلي علائقہ ڪيٽي بندر، شاهه بندر ۽ ديبل جهڙا بندرگاهه ڪاروباري مرڪز جي لحاظ کان اهم رهيا آهن. هن چيو ته مغل دور جي تاريخي شاه جهان مسجد، دبگير مسجد، سوندا قبرستان، ڀنڀور، ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍون، مڪلي جو قبرستان تاريخ جا انمول ۽ حيرت انگيز ماڳ آهن، ماضي ۾ هتي تعليمي ۽ مذھبي لحاظ کان سوين مدرسا ۽ يونيورسٽيون پڻ قائم هيون، ٺٽو عظيم شخصيتن جو شهر آهي جتي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جا تاريخي مقبرا موجود آهن. ضلعي ۾ ترقياتي منصوبن بابت مهمانن کي آگاهي ڏيندي هُن چيو ته ضلعي انتظاميا ضلعي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس جي موجودگي کان علاوه لمس پاران پڻ مقامي ماڻهن کي مختلف صحت جون سهولتون فراهم ڪيو پيون وڃن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ٺٽو پرامن ضلعو آهي ۽ هتي دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ يا مذهبي فسادن جو ڪو به عنصر ناهي. وفد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جو بريفنگ ۽ تعاون تي شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهمانن کي لنگي جا تحفا پڻ پيش ڪيا. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو اعجاز علي ھاليپوٽو، ڊي اي او پرائمري نور سرائي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. بعد ۾، آفيسرن جي وفد مڪلي قبرستان، شاهجهان مسجد، ڪينجهر ڍنڍ ۽ ٻين تاريخي ماڳن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.
0 تبصرے