ٺٽي ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج

پيڪا ايڪٽ ڪارو قانون آھي جيڪو اظهار جي آزادي تي وار سمجھون ٿا: منصور جلالاڻي

ٺٽي ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج

ٺٽو( شفيق ڀٽي) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سڄي ملڪ جيان ٺٽي ۾ بہ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ٺٽو پاران ڪاري قانون پيڪا ايڪٽ خلاف يونٽ جي صدر منصور جلالاڻي جي اڳواڻي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي. احتجاجي مظاھري ۾ پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، سينيئر صحافين ڊاڪٽر شاھد صديقي، اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب شيخ، شبير ڀٽي، رشيد جاکرو، جاويد لطيف ميمڻ، محمد ايوب ملاح، حاجن سولنگي، محمد ميمڻ، زوھير علي، نزاڪت شاھ، عباس علي، عزيز جوڳي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪاري قانون کي رد ڪيو. ان موقعي تي صحافين خطاب ڪندي چيو تہ پيڪا ايڪٽ ڪارو قانون آھي جيڪو آزاد تي وار سمجھون ٿا، ڪاري قانون کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. جڏھن تہ پي ايف يو جي سڏ تي غلام الله ۾ پيرل پياسي ملاح داٻيجي ۾ مقصود جوکيو، امين فاروقي، گھارو ۾ ذوالفقار خاصخيلي، رشيد پنھور، جنگشاھي ۾ عبدالرحيم جوکيو، غلام حسين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڻ احتجاجي مظاھرا ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي.